لاڙڪاڻي ۾ تعلقي باقراڻي جي رهواسين پوليس جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي پيرسن غلام عباس چانڊيو، صدام حسين، ڪراڙو چانڊيو گهرواري سعيده خاتون سان گڏجي دانهيندي چيو ته 2 نومبر تي رات جو باقراڻي ٿاڻي جي ايس ايڇ او الطاف ڪانڌڙو گهر تي چڙهائي ڪري ڀاڻيجي گهنور چانڊيو سندس ڀاڄائي سعيده خاتون سميت ٻن معصوم نينگرن وقار ۽ فرحان کي کنڀي کڻي ويو، پوليس گهر ۾ پيل 20 هزار روڪ، 3 سولر پليٽون، 2 بيٽريون ۽ ٻيو سامان پڻ کڻي وئي، جنهن بعد ايس ايڇ او کنڀيلن جي آزادي لاءِ هڪ لک رشوت گهري. هن چيو ته گذريل ڏينهن سول جج جي اڳواڻي ۾ اسان وومين ٿاڻي تي ڇاپو هڻائي سعيده خاتون سميت ٻن ٻارڙن کي آزاد ڪرايو پر ايس ايڇ او الطاف ڪانڌڙو ڀاڻيجي گهنور چانڊيو کي ڪنهن نامعلوم هنڌ تي گم ڪري ڇڏيو آهي، خدشو آهي ته پوليس انهن کي ڪوڙي مقابلي ۾ ڦاسائي زخمي ڪندي يا ته ماري ڇڏيندي. هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي، ايس ايس پي سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي ايس ايڇ او باقراڻي خلاف ڪارروائي ڪري ڀاڻيجي کي آزاد ڪرائڻ سان گڏ انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close