سعدو ديرو ويجهو قتل ڪيل نئون ديرو واسي نوجوان شرجيل ڪٽپر جي قتل جو معاملو اڃا تائين ڳجهارت بڻيل آھي. مقتول جو لاش گهر مان نڪرڻ وقت سوڳ ڇانئجي ويو، ھر اک آلي ٿي وئي. جنھن بعد کيس اباڻي قبرستان ۾ مٽي ما حوالي ڪيو ويو. ان موقعي تي مقتول نوجوان جي پي انور علي ڪٽپر، چاچي محمد حسن ڪٽپر سان تعزيت جو سلسلو ھلندڙ ھو، جنھن ڪري مقتول جي وارثن ۾ مايوسي ڇانيل آھي. اڄ مقتول جو ٽيجهو ٿيندو. ٻئي طرف مقتول جي چاچي محمد حسن ڪٽپر چيو آھي ته اسان جو ڀائٽيو بيدردي سان قتل ڪيو ويو آھي، پوليس قاتلن گرفتار ڪري انصاف ڏياري. جڏھن ته واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close