سنڌ

قمبر ۾ شهري اتحاد جو بدامني خلاف احتجاجي مظاهرو

قمبر ۾ شهري اتحاد پاران بدامني خلاف شاهي بازار کان واپارين شهرين احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب اڳيان ڌرڻُو هنيو. ان موقعي تي اسلم تنيو، علي جان مگسي، آصف شيخ، خالد معرفاڻي ۽ ٻين چيو ته پوليس شهرين کي ڏوهارين جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، شهر جو امن تباهه ٿي ويو آهي. شهري ڏينهن ڏٺي جو محفوظ ناهن، ڪيترن ڏينهن کان مسلسل امن امان جي بحالي لاءِ پرامن احتجاج ڪري رهيا آهيون پر پوليس امن امان قائم ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي. شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪري پر هتي ڪو شهري واپاري محفوظ ناهي. هنن ڊي آ جي لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي شهرين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button