سنڌ

لاڙڪاڻي پوليس هٿان کنڀي گم ڪيل نوجوان جي آزادي لائي احتجاج

لاڙڪاڻي جي غريب آباد پاڙي جي رهواسين لاڙڪاڻو پوليس هٿان مبينا کنڀي گم ڪيل نوجوان جي آزاديءَ لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي پيرسن عورت مراد خاتون شاهه مڙس سڪندر شاهه ۽ پٽ مزمل شاهه سان گڏجي دانهيندي الزام لڳايو ته اڍائي سال اڳ ايس ايڇ او وليد ميران خان دراني منهنجي نوجوان 14 ورهين جي شاگرد پٽ محسن شاهه سميت چئن نوجوانن کي بيگناهه گرفتار ڪري 14 مارچ 2020ع تي ڪوڙي مقابلي ۾ زخمي ڪيو، جڏهن ته منهنجو پٽ 8 ڏينهن بعد چانڊڪا اسپتال جي جيل وارڊ ۾ فوت ٿي ويو، جنهن جو قتل ڪيس عدالتي حڪم تي چئن جوابدارن ان وقت جي ايس ايڇ او وليد، ڊي ايس پي ميران خان دراني، اي ايس آءِ مختيار ڪلهوڙو، مظفر خالدي ۽ پوليس اهلڪار فرقان جتوئي مٿان داخل ٿيو جيڪو ڪيس لاڙڪاڻي جي ڇهين ايڊيشنل اينڊ سيشن ۽ ماڊل ڪورٽ ۾ هلندڙ آهي، ڪيس تان هٿ کڻڻ ۽ ٺاهه لاءِ ڊي ايس پي ميران خان دراني ۽ ٻيا آفيسر توڙي اهلڪار مختلف وقتن تي دٻاءُ وجهندا رهيا، انڪار بعد انهن جي چرچ تي لاڙڪاڻو پوليس بيگناهه پٽ احسان شاهه کي مارڪيٽ ٿاڻي ٻاهران کنڀي گم ڪري ڇڏيو جنهن کي مختلف ٿاڻن تي ڳولا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪٿي ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي. هن چيو ته منهنجو پٽ احسان شاهه شهر جي پاڪستاني چوڪ وٽ قائم ٽيلينار فرنچائيز جو ملازم آهي، خدشو آهي ته پوليس اڳ قتل ڪيل پٽ محسن شاهه جيان احسان شاهه کي به ڪوڙي مقابلي ۾ ماري ڇڏيندي جنهن جي حياتي کي خطرو آهي. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته بيگناهه کنڀي گم ڪيل پٽ کي آزاد ڪرائي سندس حياتي بچائي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button