
گرينڊ ھيلٿ الائنس پاران رسڪ الائونس نه ملڻ خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ صحت کاتي جي ملازمن ۽ ڊاڪٽرن پيرا ميڊيڪل اڳواڻن او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ڪري اسپتالن اڳيان احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا. ان سلسلي ۾ ڪراچي ۾ گرينڊ هيلٿ الائنس جي ملازمن ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو.صحت کاتي جي ملازمن سموريون رڪاوٽون ٽوڙي سنڌ سيڪريٽريٽ پهچي ويا. جڏهن ته ملازمن ڪبوتر چوڪ تي وڏي انگ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. جڏهن ته انهي دوران پوليس جي نفري پهچي وئي، ان دوران پوليس ۽ مظاهرين ۾ چڪريون ٿيون ۽ پوليس ملازمن تي لٺبازي ڪئي ۽ ڪجهه گرفتاريون به ڪيون ويون. حيدرآباد ۾ ملازمن ڊاڪٽر سڄڻ ھاليپوٽو، ڊاڪٽر عبدالحميد راڌڻ، ڊاڪٽر سعدالله چاچڙ، ڊاڪٽر سليم کوسو، ڊاڪٽر احسان الله ملڪ، ڊاڪٽر ايشور ڪمار، ڊاڪٽر گل حسن بروهي ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪري پيراميڊيڪل اسٽاف جي گرفتارين جي سخت مذمت ڪئي. ٽنڊي الهيار ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۽ ڊاڪٽرن ڊاڪٽر علي خان بلوچ، صابر بوزدار ۽ ٻين اوپي ڊي جو بائيڪاٽ ڪندي سول اسپتال آڏو احتجاجي مطاهرو ڪيو. لاڙڪاڻي ۾ صحت کاتي جي ملازم ليڊي هيلٿ ورڪرن مرڪزي اڳواڻ بشري آرائين کي معطل ڪرڻ ۽ رسڪ الائونس نه ملڻ سميت ٻين جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ اڳواڻن ريشمان لانگاهه، تسليم مغل، سلميٰ تونيو، حسينه سومرو، غلام زهره ۽ ٻين ڊيوٽين جو بائيڪاٽ ڪري پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. رتوديرو ۾ پيراميڊيڪل اڳواڻن روزينا اڄڻ، نگھت انڙ، زرينا جلباڻي، زڪيا ڀٽو، مسروز ميراڻي، نازيه ابڙو، روشن لانگاهه، ساجدا ميمڻ، وحيدان سهاڳ، شاهينه ابڙو، شاهدا ميراڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ساماري ۾ پيراميڊيڪل اڳواڻ ڊاڪٽر شيوارام مالھي، ڊاڪٽر محمد اشرف قائم خاني، ڊاڪٽر نياز حسين ڪوٽڙيو، ڊاڪٽر ھيرانند مھيشوري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ تعلقا اسپتال جي او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري اسپتال ٻاھران احتجاجي مظاھرو ڪيو. نوابشاهه ۾ ڊاڪٽرن ۽ ليڊي هيلٿ سپروائيزرن ۽ ليڊي هيلٿ ورڪرن شميم اختر، ناھيد ميمڻ، فھميدہ ڪيريو، سبين ميمڻ، طيبه ميمڻ، سلمه چنڙ، عابده خان ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو. مٺي ۾ گرينڊ هيلٿ الائنس پاران رسڪ الائونس نه ملڻ خلاف ملازم اڳواڻ نريش ڪمار، برڪت بجير، لتا ۽ ٻين سول اسپتال جي او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ڪري سول اسپتال جي گيٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻُو هنيو. ان موقعي تي اڳواڻن مطالبو ڪيو ته سنڌ حڪومت ۽ صحت کاتي جون اختياريون نوٽيس وٺي رسڪ الائونس جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ ۾ احتجاجن جو سلسلو جاري رهندو.