لاڙڪاڻي ۾ ڊي اي ۽ لاڙڪاڻو عوام اتحاد پاران پاڪ فوج جي حمايت ۾ ڪوٽ داراب کان ريلي ڪڍي شهر جي مختلف روڊن رستن جو گشت ڪري پريس ڪلب اڳيان پهتا. ان موقعي تي اڳواڻن بئريسٽر ڪاظم علي عباسي، رافع علي خان عباسي، ايم ايس ايف فنڪشنل سنڌ جي صدر عامر علي ڀٽو، علي حسن ڏاهاڻي، غلام حيدر ڏاهاڻي، غلام علي ڏاهاڻي، محمد يعقوب ڏاهاڻي، عبدالحفيظ سامٽيو، علي گل عمراڻي، عمران حيدر شاهه، فقير نياز ملاح ۽ ٻين چيو ته لاڙڪاڻي جو عوام پاڪ فوج سان گڏ آهي ڇاڪاڻ پاڪ فوج ملڪ ۽ عوام جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا ڏئي عوام ۽ ملڪي سرحدن جو حفاظت ڪري رهيا آهن پاڪ فوج جي قربانين کي ڪڏهن فراموش ڪري نٿو سگهجي. هنن چيو ته ريلي جو مقصد پاڪ فوج سان يڪجھتي ۽ پاڪ فوج خلاف ڳالهائيندڙن لاءِ اهو پيغام آهي ته هو اهڙن حرڪتن کان پاسو ڪن ٻي صورت سندن گهيرو تنگ ڪيو ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close