رتيديري ۾ نوجوان جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن عورتن ۽ ٻارڙن سميت پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو. پنج ڏينهن اڳ رتوديرو جي نادر شاهه محلي ۾ هٿياربندن هٿان قتل ٿيل شهمير جلباڻي جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ وارث عورتن، مردن ۽ معصوم ٻارڙن پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج ڪيو. ان موقعي تي همير، گل مير، بابر، فتان خاتون، ملوڪا خاتون، ناهيد خاتون جلباڻي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته شهمير جلباڻي کي بيگناهه قتل ڪري وڏو ظلم ڪيو ويو آهي. هنن چيو ته قتل ۾ ملوث جوابدارن علي نواز، شاهنواز، سعيد، محبوب، جانب جلباڻي ۽ ٻن اڻسڃاتلن مٿان اسان رتوديرو ٿاڻي تي ايف آءِ آر داخل ڪرائي آهي پر هن وقت تائين پوليس ڪنهن هڪ جوابدار کي گرفتار نه ڪيو آهي. ٻن جوابدارن جانب ۽ محبوب جلباڻي کي به اسان پڪڙي پوليس حوالي ڪيو آهي. هنن چيو ته پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪجهه به نه ٿي ڪري، سرعام ڏينهن ڏٺي جو پنهنجي گھر ٻاهران ويٺل اسان جي همراهه کي قتل ڪيو ويو، اسان ٿاڻي جا چڪر ڪاٽي رهيا آهيون پر پوليس رڳو جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ خالي دلاسا ڏئي رهي آهي. هنن چيو ته جوابدار شهمير کي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيندا رهندا هئا ۽ هاڻي اسان کي به مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو ويو ته اسان ايس ايس پي آفيس اڳيان احتجاج ڪنداسين. هنن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close