سنڌ

بخشاپور ۾ گٽرن جو گندو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاج

بخشاپور جي مارواڙي پاڙي ۾ ٽائون ڪاميٽي عملي جي نااھلي سبب گٽرن جو گندو پاڻي گھرن ۾ ڪاھي پيو. مارواڙي برادري پاران گٽرن جو گندو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف لال چند، سنتوش ڪمار، بيشم لال، درشن، منوج، مھيش، ونود، شام ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته اڳواڻن چيو ته ٽائون ڪاميٽي جي عملي جي نااھلي سبب گذريل ھڪ مھيني کان اسان جي پاڙي ۾ گٽرن جو گندو پاڻي دريا جي صورت ۾ بيٺل آهي، گندي پاڻي جي بيھڻ ڪري بدبو پکڙجي وئي آهي. مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي، جنهن ڪري مختلف بيمارين مليريا، گيسٽرو ۽ ٻين بيمارين منهن ڪڍيو آهي. ھنن چيو ته بدبو سبب ساهه کڻڻ جي تڪليف سبب عذاب پيا ڀوڳيون. پوري پاڙي ۾ گندي پاڻي بيھڻ ڪري معصوم ٻارڙا اسڪول نٿا وڃي سگھن، ٻارڙا ۽ عورتون گھرن تائين محدود ٿي ويا آهن. ٽائون عملي کي دانھون ڪري ٿڪجي پيا آھيون ڪير به اسان جي دانهن ٻڌڻ لا تيار ناهي. ھنن وڏي وزير ۽ ڊي سي ڪشمور کان مطالبو ڪيو ته فوري طور پاڙي ۾ بيٺل گٽرن جو گندو پاڻي نيڪال ڪرائي پريشاني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي دائرو وڌايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button