ايوان زراعت لاڙڪاڻي پاران يوم اقبال جي موقعي تي راشدي فارم نئون ديرو ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي. جنهن جو مهمان خاص ڪمشنر لاڙڪاڻو گهنور خان لغاري هو. ڪمشنر گهنور خان لغاري ٻوٽو پوکي تقريب جو افتتاح ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي ڪمشنر گهنور خان لغاري چيو ته ڊاڪٽر علامه اقبال پاڪستان جو نظريو ڏئي اسان کي غلامي کان نجات ڏياري. هن چيو ته علامه اقبال جي تصور سان مسلمانن ۾ الڳ وطن جو خيال آيو جنهن سبب ئي پاڪستان وجود ۾ آيو جنهن سبب اڄ اسان آزاد رياست ۾ زندگي گزاري رهيا آهيون. تقريب کي خطاب ڪندي ايڊيشنل ڪمشنر لاڙڪاڻو سردار احمد قاضي چيو ته وڻ پوکڻ هڪ صدقو پڻ آهي، اڄ اسان هي ٻوٽا پوکي شاعر مشرق ڊاڪٽر علامه اقبال کي ڀيٽا پيش ڪئي آهي. تقريب ۾ سيد سراج احمد راشدي، مختيار ڪار رتودير، اياز علي، ڪاشف منٺار سولنگي سميت ٻيا پڻ شريڪ هئا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close