سنڌ

شوڪت حسين شورو گهڻي رخي شخصيت هو:مدد علي سنڌي

سنڌ جي نامور ڪهاڻيڪار، افسانا ۽ ڊراما نگار شوڪت حسين شوري جي پهرين ورسي جي موقعي تي ثقافت کاتي ۽ سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري هڪ تقريب منعقد ڪئي، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ اديبن، شاعرن ۽ ليکڪن شرڪت ڪئي. مقررن کيس زبردست ڀيٽا ڏيندي چيو ته شوڪت حسين شوري سنڌ توڙي هند جي سنڌي اديبن ۽ شاعرن کي هميشه پاڻ ۾ جوڙي رکيو. هو جديد ادب ۽ فڪشن جو پاڙهو ليکڪ هو. تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي نامور ليکڪ مدد علي سنڌي چيو ته شوڪت حسين شوري جي شخصيت جي هر پهلوءَ تي ڳالهائڻ لا تمام وڏو مواد آهي، هُو گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ هو، 50 سالن جا داستان آهن، ان تي ڳالهائڻ لا ايترو وقت ۽ حوصلو گهرجي. شوڪت حسين شوري جي ڀا ڪهاڻيڪار مشتاق شوري چيو ته شوڪت جو وڇوڙو اسان جي ڪٽنب لا ڪنھن غير يقيني حادثي کان گهٽ نه هو، جنهن تي ڳالهائڻ لاءِ مون وٽ همت ناهي. ڊاڪٽر اسحاق سميجي چيو ته شوڪت حسين شوري جي شخصيت ۽ تحرير منفرد ۽ دل کي وڻندڙ هئي، هن جي خاموشي جون سوين معنائون هيون. هن جي ڪهاڻين کي ترقي پسند ۽ قومپرست لاڙن گهڻو منفرد بڻايو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button