سنڌ

قاسم آباد مان گم ٿيل نوجوان جي بازيابي لا مظاهرو

قاسم آباد جي علائقي نسيم نگر جي رهواسين نوجوان مائوجي ٺاڪر جي بازيابي لا حيدرآباد پريس ڪلب سامهون مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي سيتا ڪولهي ۽ ٻين وارثن چيو ته قاسم آباد جي بااثر وڏيري همايون ڏومرو پنهنجن ساٿين سميت نسيم نگر ۾ واقع ڪولهي برادري جا گهر ڊاهي نوجوان مائوجي ولد چيتن ٺاڪر کي کنڀي گم ڪري پاڻ وٽ قيد ڪري ڇڏيو آهي، نوجوان کي اڄ ڏينهن تائين پوليس بازياب ناهي ڪري سگهي. هنن چيو ته اسان کي خدشو آهي ته وڏيرو همايون ڏومرو نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيندو. هنن آ جي سنڌ، ڊي آ جي حيدرآباد سميت اعلى اختيارين کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي نوجوان کي بازياب ڪرائي زندگي بچائي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button