سنڌ

رتوديرو ۾ ٻن ٽرانسپورٽر ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ ۾ 2 ڄڻا قتل

رتيديري شهر ۾ ٽرانسپورٽرن جو مسافر گاڏين جي ٽائيم تان جهيڙو ٿي پيو. فائرنگ ۾ 2 ڄڻا قتل ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا. رتوديرو شهر جي مين بس اسٽاپ تي ٽرانسپورٽر ڌرين ۾مسافر ڪوچن جي ٽائيم تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن تي ٻنهي ڌرين هڪٻئي مٿان فائرنگ ڪري ڏني، جنهن دوران شهرين ۾ ڀاڄ پئجي وئي. خبر موجب رتوديرو شھر جي مک علائقي بس اسٽينڊ تي جلباڻي ذات جي ٻن ٽرانسپورٽر ڌرين وچ ۾ مسافر ڪوچن جي ٽائيم تان ڇڪتاڻ ٿي پئي، جنهن تان ٻنھي ڌرين ھڪ ٻئي مٿان ھٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب ظھير خان ٿڏي تي مارجي ويو، جڏھن ته 4 ڄڻا عبدالرسول، عبداللطيف، سراج ۽ عبدالقادر جلباڻي گوليون لڳڻ ڪري سخت زخمي ٿي پيا، جن کي علاج لاءِ تعلقي اسپتال رتوديرو آندو ويو، جتان بعد ۾ کين ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي چانڊڪا اسپتال علاج لاءِ اماڻيو ويو، جتي علاج دوران زخمن جي سٽ نه سھندي سراج جلباڻي فوت ٿي ويو. ٻنھي مقتولن جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي اسپتال رتوديرو آندا ويا، جتان ضروري ڪارروائي بعد ٻنھي جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. واقعي بعد علائقي ۾ سخت خوف و حراس ڇانيل آھي ۽ علائقي جا رھواسي پنهنجن گهرن تائين محدود ٿي ويا. ھوڏانھن واقعي بعد وڏي تعداد ۾ پوليس اھلڪار رتوديرو بس اسٽينڊ تي پهچي ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button