سنڌ

ڪتاب انسان کي انڌيرن مان ڪڍي روشني طرف آڻي ٿو:اي سي لاڙڪاڻو

لاڙڪاڻي جي اسسٽنٽ ڪمشنر احمد علي سومرو جناح باغ ۾ لڳل ڪتابي ميلي جو دورو ڪري مختلف ڪتاب خريد ڪيا. ان موقعي تي اي سي احمد علي سومرو ڳالهائيندي چيو ته ڪنهن به سڌريل سماج ۾ ڪتاب جي اهميت کان ڪير به انڪار نه ٿو ڪري سگهي ۽ ڪتاب انسان جو بهترين دوست آهي، ڪتاب انسان کي انڌيرن مان ڪڍي روشنين طرف وٺي ٿو وڃي، اسان مسلمان آهيون ۽ دنيا جو بهترين ڪتاب قرآن شريف آهي، اهو اسان کي هر وقت پڙهي ان کي سمجهڻ سان گڏ ان تي عمل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اسان سنڌي دنيا ۾ ڪٿي به رهندا هجون اسان کي ڀٽائي جو رسالو پڙهڻ گهرجي، ان سان گهڻو سڪون ملندو، جڏهن ته نوجوانن کي گهرجي ته هو ڪتاب پڙهن، ڪتاب اسان جو هڪ بهترين دوست آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button