سنڌ

قمبر ۾ شهري اتحاد پاران بدامني خلاف علامتي بک هڙتال ختم

قمبر ۾ گذريل هڪ هفتي کان شهري اتحاد پاران شهر ۾ ٿيندڙ ڦر چوري ۽ بدامني خلاف احتجاج جاري هو. شهري اتحاد جي علامتي بک هڙتال تي ريڊر ٽو ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ عبدالرحمان ڀٽو، ڊي آئي بي انچارج هريش ڪمار، سٽي ٿاڻي جو وڏو منشي رياض پنهور ٻيا علامتي بک هڙتال ڪئمپ تي پهتا. جتي شهرين قمبر مان ٿيندڙ ڦر، چوري ۽ امن امان بابت چارٽر آف ڊمانڊ پيش ڪيو. ڳالهين دوران هڪ هفتي جي پوليس کي مهلت ڏني وئي. پوليس يقين ڏياريو ته قمبر شهر ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن جاري آهي جلد ڏوهارين کي سڳ سميت گرفتار ڪري مٿن قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button