
سنڌ جي قديمي ماڳ موهن جي دڙي لاءِ يونيسڪو پاران امداد طور مليل 2 ناياب گاڏين سميت 6 گاڏيون 35 سالن کان بيٺل هجڻ سبب ڳري تباهه ٿي ويون. جڏھن ته موهن جي دڙي جي عملدارن ٻڌايو ته عالمي اداري يونيسڪو مليل 2 گاڏيون نيلام نه ٿيون ڪري سگهجن. سنڌ جي قديمي ماڳ موھن جي دڙي تي ڪم ڪندڙ ڊائريڪٽر سميت سينيئر عملدارن جي ڪم ڪار لا سرڪاري طور تي هڪ به هلندڙ گاڏي موجود ناهي. موهن جو دڙو تي ڪم ڪار ۾ ڏکيائي ٿيڻ لگي، جنهن ۾ 35 سالن کان ناڪارہ بڻيل گاڏيون مٽي ۾ ضايع ٿي رهيون آهن، پر هن وقت تائين سنڌ حڪومت ڪو نوٽيس نه ورتو آهي، جنهن سبب موهن جي دڙي تي گاڏيون محفوظ جا تي نه بيهارڻ سبب ڳري تباهه ٿي ويون.