
رستم ويجهو ڪمالاڻي-عطراڻي برادري ۾ ڪارنهن الزام هيٺ قتل واري واقعي کانپو شروع ٿيل جهيڙي ۾ ماٺار نه اچي سگهي. ڌرين هڪٻئي مٿان جديد هٿيارن سان حملو ڪري ڏنو. فائرنگ ۾ ٻنهي ڌرين جا چار ڄڻا قتل ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ٻئي ڌريون مورچابند ٿي ويون، وقفي وقفي سان هڪ ٻئي مٿان فائرنگ جو سلسلو جاري آهي. شڪارپور جي رستم ٿاڻي جي حد رستم جي ڪچي واري علائقي جي ڳوٺ بخش علي عطراڻي ۾ عطراڻي-ڪمالاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ وحيد ڪمالاڻي ۽ حسينا سعدخاناڻي کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪرڻ کانپو شروع ٿيل جهيڙي ۾ ماٺار نه اچي سگهي. ٻنهي ڌرين جي ماڻهن ڳرن هٿيارن سان هڪ ٻئي مٿان فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ عطراڻي ڌر جو هڪ ڄڻو رحم علي پٽ روزين عطراڻي جتوئي موقعي تي قتل ٿي ويو، جڏهن ته ڀورل پٽ ساٿي عطراڻي زخمي ٿي پيو. ٻئي طرف گولين جي زد ۾ اچي ڪمالاڻي ڌر جا 3 ڄڻا سونارو پٽ ربن ڪمالاڻي جتوئي، سڳو پٽ باٿ ڪمالاڻي، سائينداد پٽ ڪراڙو ڪمالاڻي جتوئي قتل ٿي ويا. جڏهن ته هڪ ڄڻو لعل بخش پٽ محمدي ڪمالاڻي زخمي ٿي پيو. واقعي بعد ٻنهي ڌرين وقفي وقفي سان هڪ ٻئي مٿان فائرنگ جو سلسلو جاري رکيو. ياد رهي ته وحيد ڪمالاڻي ۽ حسينا سعدخاناڻي کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪرڻ کانپو ٻنهي ڌرين ۾ جهيڙو شروع ٿيو هو، جنهن ۾ هن وقت تائين ڪيترائي مرد، ٻار ۽ عورتون قتل ٿي چڪيون آهن. ٻنهي ڌرين ۾ هڪ ڀيرو ٺاهه به ٿي چڪو آهي پر فيصلي ڪرڻ وارا سردار ڌرين کي ٺاهه تي عمل ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام رهيا، جڏهن ته پوليس جهيڙيندڙ ڌرين اڳيان بيوس بڻيل نظر اچي رهي آهي. ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي رستم پوليس جي ايس ايڇ او عالم خان ڪرسي ٻڌايو ته عطراڻي ۽ ڪمالاڻي برادري جي ڌرين ۾ فيصلو ٿي چڪو هو پر عطراڻي برادري جي ماڻهن اڳرائي ڪري ڪمالاڻي برادري جو هڪ ڄڻو قتل ڪيو، جنهن جي پلاند ۾ ڪمالاڻي برادري به هڪ ڄڻو قتل ڪيو. ڪالهه وري هي واقعو پيش آيو آهي، جنهن ۾ 4 ڄڻا قتل ٿيا آهن. رحم علي عطراڻي مٿان 12 ڪيس ۽ سائينداد ڪمالاڻي مٿان 15 ڪيس آهن، ٻنهي ڌرين جا ڪيترائي ماڻهو روپوش آهن. ايس ايس پي سان رابطو ڪيو آهي، مرزا واهه تي پوليس پڪٽ قائم ڪئي آهي، جهيڙي کي روڪڻ لا اپا ورتا آهن پر پوليس کي جهيڙيندڙ ڌرين جي گهرن ٻاهران ويهارڻ پوليس اهلڪارن کي مارائڻ جي برابر هوندو. لاش کڻائي پوسٽ مارٽم کانپو وارثن حوالي ڪيا آهن. وارثن جي اچڻ شرط ڪيس داخل ڪيو ويندو.