لاڙڪاڻي شهر جي حاجي غلام نبي ڪلهوڙو ڪالوني جي رهواسين بلڊر زاهد حسين عباسي جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي شمس الدين سنديلو، گلشن تونيو، اختر حسين پنهور، يار محمد لاشاري، نظير احمد ڪنڀر، عبدالمجيد سانگي ۽ ٻين چيو ته سال 2008ع دوران بلڊر زاهد حسين عباسي غلام نبي ڪلهوڙو ڪالوني قائم ڪئي، جيڪا 105 گهرن تي مشتمل آهي جڏهن ته اسان جي گهرن جي نيڪال جو پاڻي گذريل 15 سالن کان ڊرينيج ذريعي سم نالي ۾ هلندڙ هو جنهن کي ٻه مهينا اڳ بلڊر زاهد عباسي بند ڪري مٽي وجهي اتي پلاٽ وڪرو ڪري ڇڏيا آهن، گندي پاڻي جو نيڪال بند ٿيڻ سبب گهرن ۽ گهٽين ۾ تلاءُ جي صورت اختيار ڪري ويو آهي جنهن ڪري 105 گهرن جا رهواسي سخت تڪليفن سان منهن ڏئي رهيا آهن اهڙي شڪايت بلڊر زاهد حسين عباسي کي بار بار ڪئي پر هو ڊرينيج سسٽم بحال ڪرڻ بدران خاموش رهڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هنن وس وارن کي اپيل ڪئي ته بلڊر زاهد حسين عباسي خلاف ڪارروائي ڪري گندي پاڻي کي نيڪال ڪرائي ڇانيل پريشاني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close