سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ بنيادي مسئلا حل نه ٿيڻ خلاف عوامي تحريڪ جو مظاهرو

لاڙڪاڻي ۾ عوامي تحريڪ ۽ مراد واھڻ محلي واسين بنيادي سهولتون نه ملڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي مراد واهڻ واسين ۽ عوامي تحريڪ جي اڳواڻ حاجي علي حسن وڪو، طفيل جکرو، عبدالرحمن چانڊيو، اعتزاز گائينچو، اختار چانڊيو، عبدالخالق جتوئي، مير محمد سولنگي، شاھنواز شيخ، محمد زبير علي ميراڻي، رحمت الله چانڊيو ۽ ٻين چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪمرانن سموري سنڌ تباھه ڪري ڇڏي آھي. محلي مراد واھڻ واسي بنيادي ترقياتي ڪم نه ٿيڻ سبب سخت پريشان آھن، محلي ۾ گندي پاڻي جي نيڪاسي جو نظام موجود ناھي، سالن کان گھٽين ۽ نالين جو ڪم ناھي ڪرايو ويو ۽ ترقياتي ڪمن جي مد ۾ آيل بجيٽ ھڙپ ڪئي وئي آھي. اڳواڻن مطالبو ڪندي چيو ته مراد واھڻ محلي بروھي گھٽي، چانڊيا محلا ۾ ترقياتي ڪم شروع ڪرائي صفائي نظام بھتر نه ڪيو ويو ته احتجاجي تحريڪ ھلائي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button