سنڌ حڪومت لاڙڪاڻو سينٽرل جيل جي جيل سپرنٽينڊنٽ اشفاق ڪلوڙ کي اختيارن جي ناجائز استعمال ۽ بدعنواني تي معطل ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان چيف سيڪريٽري سنڌ جي منظوري سان سروسز جنرل ايڊمنسٽريشن اينڊ ڪوآرڊينيشن کاتي طرفان نوٽيفڪيشن جاري ڪندي لاڙڪاڻو سينٽرل جيل جي جيل سپرنٽينڊنٽ اشفاق ڪلوڙ کي معطل ڪيو ويو آهي. آرڊر موجب جيل سپرنٽينڊنٽ اشفاق ڪلوڙ سينٽرل جيل ۾ پنهنجي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي جيل اندر بدعنواني ۾ ملوث آهي تنهن ڪري کيس معطل ڪري گهرو کاتي کي رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. جڏهن ته جيل سپرنٽينڊنٽ اشفاق ڪلوڙ معطلي دوران قانون موجب پنهنجي پگهار ۽ مراعات وٺڻ جو اهل هوندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close