رستم ويجهو پراڻي ڪارنهن تڪرار تان قتل ٿيل چئن مقتولن جي هٿيارن جي پهري ۾ تدفين ڪئي وئي. انموقعي تي ڪمالاڻي ڌر جي ٽن ڄڻن کي مرزا واهه پير ۽ عطراڻي ڌر جي هڪ ڄڻي کي لطيف شاهه پير جي قبرستان ۾ مٽي ما حوالي ڪيو ويو. واقعي جو قتل ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو. رستم ويجهو ڳوٺ حبيب جتوئي ۾ ڪمالاڻي-عطراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنهن جي پراڻي معاملي تان قتل ٿيل چئن ڄڻن جي هٿيارن جي ڇانو ۾ تدفين ڪئي وئي. ڪمالاڻي برادري جي ٽن ڄڻن سائينداد، سڳو ۽ سونارو ڪمالاڻي جي مڙهن کي مرزا واهه جي قبرستان ۾ هٿيارن جي پهري ۾ مٽي ما حوالي ڪيو ويو. جڏهن ته عطراڻي برادري جي رحملي عطراڻي کي لطيف شاهه جي قبرستان ۾ مٽي ما حوالي ڪيو ويو. ٻئي طرف ٻنهي ڌرين سوشل ميڊيا تي هڪ ٻئي کي ڌمڪيون ڏيندي خاندان ختم ڪرڻ جا وچن ڪري ڇڏيا. جڏهن ته ٻنهي ڌرين وڌيڪ ماڻهو گهرائي هٿيار گڏ ڪري ورتا آهن. ابطو ڪرڻ تي رستم پوليس ٻڌايو ته مقتولن جي وارثن مان اڃا تائين ڪوبه ماڻهو ٿاڻي تي نه آيو آهي، انهي ڪري واقعي جو اڃا تائين ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close