سنڌ

قبو سعيد خان ۾ ٻوڏ متاثرن کي امدادي سامان نه ملڻ خلاف احتجاج

قبو سعيد خان ۾ ٻوڏ متاثرن لا آيل امدادي سامان نه ملڻ خلاف سپاف ڪارڪنن زرق کوسو، غلام مصطفى مگسي، احمد باغي جي اڳواڻي ۾ بس اسٽينڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن دانهيندي چيو ته اسسٽنٽ ڪمشنر زين العابدين مگسي ۽ چونڊيل نمائندا ٻوڏ متاثرن جي حقن تي ڌاڙا هڻي ٽينٽ، ڪمبل، راشن، کٽون، لائيٽن سميت ٻيو سامان پنهنجي ايجنٽن حوالي ڪري لکين روپيا ڪمائي رهيا آهن. ھنن چيو ته ٻوڏ سبب غريب ماڻھن جا گھر ڊهي پٽ پئجي ويا ۽ فصل تباهه ٿيڻ بعد بي يارو مددگار کليل آسمان هيٺان ويٺل آهن. جڏهن ته راشن نه ملڻ ڪري بکون ڪاٽي رهيا آهن. هنن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اسسٽنٽ ڪمشنر کي فوري طور تي هٽائي ٻوڏ متاثرن جي حقن تي ڌاڙا هڻندڙن خلاف ڪيس داخل ڪري امدادي سامان حقيقي متاثرن کي ڏيئي کين بک ۽ بدحالي کان بچايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button