قمبر ۾ آپڪا پاپوليشن پاران ڊپٽي ڊسٽرڪٽ پاپوليشن آفيسر اورنگزيب ڀٽو سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي سندس ڪردار ڪشي ۽ گٿا لفظ ڳالهائڻ جي مذمت ڪندي ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو. ٻئي طرف مطالبن جي مڃتا لا ملازمن پاپوليشن ڊسٽرڪٽ آفيس کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن امام الدين بگٽي، محمد نواز ميمڻ، نسيم بلوچ، نگهت ناز بلوچ، انيلا هڪڙو، مختيار گوپانگ، نسيم الله عباسي ۽ ٻين چيو ته 15 سالن کان پاپوليشن کاتي جي بدنام ڪرڻ ۾ مصروف معيد سرهيو کي فوري طور تي هٽايو وڃي ۽ کاتي اندر قانون جي حڪمراني کي يقيني بڻايو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close