سنڌ

ٺل ۾ ايس يو پي ڪارڪن جي قتل جو جرڳو، هڪ ڪروڙ 92 لک روپيا ڏنڊ

ٺل ۾ ڀتو نه ڏيڻ تي قتل ڪيل ايس يو پي ڪارڪن جي قتل جو جرڳو ڪوٺايو ويو. جوابدار ڌر تي هڪ ڪروڙ 92 لک ڏنڊ مقرر ڪيو ويو. خبر موجب ٺل جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو قومي ڪارڪن جي قتل جو جرڳو قومپرست اڳواڻ جي سر پئجي هيٺ ڪيو ويو. ان ڏس ۾ ساڍا ٽي سال اڳ رهبر چوڪ تي ڀتو نه ڏيڻ تي ڀتي خورن هٿان گوليون هڻي قتل ڪيل ايس يو پي ڪارڪن قائم الدين سرڪي جي قتل جو جرڳو ايس يو پي جي مرڪزي سينيئر نائب صدر روشن ٻرڙو، ايم پي اي ڊاڪٽر سهراب سرڪي جي سر پئنچي هيٺ ايس يو پي هائوس ۾ ڪيو ويو، جنهن ۾ ٻرڙا برادري جي سردار صدام حسين ٻرڙو، بابو عبدالقادر ٻرڙو، محبوب علي سومرو، اڪرم باجڪاڻي، جڳديش آهوجا، ظريعت بجاراڻي، سيد عبدالباسط شاهه سميت سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جرڳي ۾ مقتول ڌر پاران مقتول قائم الدين سرڪي جي ڀاءُ امام الدين سرڪي ۽ جدوجهد ايڪشن ڪاميٽي جي صدر جمال جوش ٻرڙو ۽ جوابدار ڌر پاران شبير احمد ٻرڙو بيان ڏنا. جتي جرڳي جي سرپئنچ فتوى ٻڌائڻ کان اڳ ٻنهي ڌرين کي پاڪ ڪتاب تي هٿ رکرائڻ بعد جرڳي جي فتوى ٻڌائي. مجموعي طور تي هڪ ڪروڙ 92 لک ڏنڊ جي رقم رکي وئي، جنهن ۾ قومي ڪارڪن جي قتل جو 70 لک ڏنڊ، خرچ هڪ ڪروڙ جڏهن ته جدوجهد ايڪشن ڪاميٽي جي صدر جمال جوش ٻرڙو مٿان ڪيس ڪرڻ ۽ حملو ڪرڻ جا 22 لک روپيا ڏنڊ رکيو ويو، جنهن مان موقعي تي چار لک ادا ڪيا ويا ۽ جوابدار جي جهولي تي پنج لک روپيا معاف ڪيا ويا. ٻنهي ڌرين کي فتوى ٻڌائڻ بعد سيد عبدالباسط شاهه دعا گهري ۽ ڌرين کي کير کنڊ ڪيو ويو. ٺل ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن سردار جي نه پر قومي اڳواڻ جي سرپئچي هيٺ جرڳو قومپرست تنظيم جي آفيس ۾ ڪيو ويو. مقتول قائم الدين سرڪي جي ڀاءُ امام الدين سرڪي ڳالهائيندي چيو ته منهنجو ڀاءُ قومي ڪارڪن هو، جنهن پنهنجي پوري زندگي قومي تحريڪ کي وقف ڪري ڇڏي، هو ظالمن سان مهاڏو اٽڪائي شهيد ٿيو پر هو ظالمن جي آڏو نه جهڪيو. هن چيو ته اسان پهرين ڏينهن کان ايس يو پي ۽ جدوجهد ايڪشن ڪاميٽي جي پليٽ فارم تان تحريڪ هلائي، جوابدار ڌر مونکي ۽ منهنجي خاندان کي مختلف طريقن سان حراسان ڪيو. ٻئي طرف مقتول قائم الدين سرڪي کي ڀتو نه ڏيڻ تي ساڍا 3 سال اڳ قتل ڪيو ويو، جنهن جو اي سيڪشن ٿاڻي تي ٻه الڳ الڳ ڪيس داخل ڪيا ويا هئا. پهريون ڪيس مقتول قائم الدين سرڪي جي فرياد تي جوابدارن اصغر عرف ڳاڙهو ٻرڙو، شبير احمد ٻرڙو، نادر علي، ربنواز ٻرڙو مٿان ڦر ۽ جهيڙي جو ڪيس داخل ڪيو ويو. هفتي بعد مقتول قائم الدين سرڪي کي ساڳئي جوابدارن دڪان تي حملو ڪري قتل ڪيو، جنهن جو ڪيس مقتول قائم الدين سرڪي جي ڀاءُ امام الدين سرڪي جي فرياد تي اصغر عرف ڳاڙهو ٻرڙو، ربنواز ٻرڙو، نادر علي، عطا حسين، طالب حسين مٿان دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو، جنهن مان ربنواز ٻرڙو، نادر ٻرڙو، طالب ٻرڙو گرفتار ٿيل آهن، رڳو مک جوابدار اصغر عرف ڳاڙهو ٻرڙو روپوش ٿيل آهي، باقي ٽن جوابدارن ربنواز ٻرڙو، نادر ٻرڙو، عطا حسين کي عدالت سڳوري عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button