پاڪستانسنڌ

ٽنڊوالهيار ۾ گرينڊ آپريشن، منشيات فروشن سميت 18 جوابدار گرفتار

ٽنڊوالهيار: ٽنڊوالهيار ۾ منشيات فروشن ۽ ڦورن خلاف گرينڊ آپريشن ڪري 18 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو. وڏي مقدار ۾ منشيات، گٽڪا، هٿيار ۽ ٻيو سامان هٿ اچڻ جي دعوى ڪئي وئي. ان سلسلي ۾ ايس ايس پي ٽنڊو الهيار فاروق احمد بجاراڻي جي اڳواڻي ۾ ٽنڊوالهيار پوليس جي جوڙيل ڌار ڌار ٽيمن مختلف علائقن ۾ منشيات فروشن ۽ ڦورن خلاف ڪارروايون جاري رکيون. ايس ايس پي ٽنڊوالهيار ٻڌايو ته گذريل 3 ڏينهن دوران مختلف ڪاررواين ۾ 18 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جوابدارن جي قبضي مان 60 ليٽر ديسي شراب، 2860 مين پڙيون، 6 ڪٽا مين پڙي چورا، 1060 ماڙي، سفينا گٽڪا ۽ 1750 گرام چرس هٿ ڪيو ويو، ان کان علاوه قتل ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان ٽي ٽي پستول ۽ 4 گوليون هٿ ڪيون ويون. ايس ايس پي فاروق احمد بجاراڻي موجب گرفتار جوابدار ٻين ڪيسن ۾ به پوليس کي گهربل هئا، پوليس بنا ڪنهن فرق جي منشيات فروشن خلاف گرينڊ آپريشن ڪري رهي آهي، منشيات سماج لاءِ هڪ لعنت آهي، جنهن جي خاتمي لاءِ پوليس ڀرپور حڪمت عملي سان ڪم ڪري رهي آهي، منشيات فروش يا ڪنهن ڏوهاري قسم جي ماڻهو کي بخش نه ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button