ينگ ڊاڪٽر ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر ڪاشف شورو حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ڊاڪٽر اشفاق راڻا، ڊاڪٽر صدام رند ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ڪراچي ۾ صحت کاتي جي ملازمن تي ٿيل تشدد ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ جو نوٽيس وٺي ملازمن تي داخل ڪيس فوري ختم ڪري رسڪ الائونس بحال ڪيو وڃي. هنن چيو ته صحت کاتي جا ڊاڪٽر، پيراميڊيڪل اسٽاف، ليڊي هيلٿ ورڪرز ۽ ٻيو عملو سنڌ حڪومت پاران ختم ڪيل رسڪ الائونس جي بحالي لاءِ سراپا احتجاج آهن، ڪيترن ئي ڏينهن کان او پي ڊيز جي بائيڪاٽ سبب هزارين مريض علاج جي سهولت کان محروم آهن. هنن چيو ته سنڌ حڪومت ڊاڪٽرن ۽ ٻي عملي جو رسڪ الائونس بند ڪري ناانصافي ڪئي آهي. ڪراچي ۾ صحت کاتي جي ملازم عورتن ۽ مردن تي پوليس وحشياڻو تشدد ڪري رياستي دهشتگردي جو ثبوت ڏنو آهي جيڪو عمل مذمت جوڳو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close