سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ کنڀي گم ڪيل نوجوان جي آزادي لائي احتجاج

لاڙڪاڻي جي غريب مقام پاڙي جي رهواسين لاڙڪاڻو پوليس هٿان مبينا کنڀي گم ڪيل پورهيت نوجوان جي آزادي لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي رياض علي ملاڻو پنهنجي چاچي منظور علي ملاڻو ۽ ٻين سان گڏجي دانهيندي الزام لڳايو ته گذريل رات دير سان منهنجو ڀاءُ پاڙي جي هوٽل تي ويٺل هو جتان مارڪيٽ پوليس کيس کنڀي گم ڪري ڇڏيو جنهن کي حد جي مارڪيٽ سميت ٻين مختلف ٿاڻن تي ڳولا ڪئي پر ڪٿي به سندس ڪو ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي. هن چيو ته 5 مهينا اڳ به ساڳي ٿاڻي جي پوليس ڀاءُ کي گرفتار ڪرڻ بعد ڪوڙي مقابلي ۾ هاف فراءِ ڪري ڇڏيو هو، جنهن مٿان مارڪيٽ ۽ بقاپور ٿاڻن تي 13 ڊي ۽ مقابلا جا ڪيس داخل ڪيا ويا، جن ڪيسن ۾ هو بري ٿي چڪو هو، جيڪو پاڙي ۾ استري ۽ سائيڪلن جو دڪان هلائي پيٽ گذر ڪندو آهي. خدشو آهي ته پوليس کيس ٻيهر هاف فراءِ ڪري ڪوڙا ڪيس داخل ڪندي جيڪو ظلم ۽ زيادتي آهي. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته ڀاءُ کي آزاد ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button