سنڌ سگهڙ سنگت ڀلائي تنظيم پاران ناليواري سگهڙ استاد محمد ملوڪ عباسي جي 24هين ورسي اباڻي ڳوٺ محمد خان ڪلهوڙو ۾ منعقد ڪئي وئي. محمد ملوڪ عباسي جي مزار تي گلن جي چادر چاڙھي تقريب جي شروعات ڪئي وئي. ان موقعي تي احمد سلطان کوسي خطاب ڪندي چيو ته استاد محمد ملوڪ عباسي اعليٰ پائي جو سگهڙ هو، استاد ملوڪ عباسي جا هن وقت تائين 7 ڪتاب شايع ٿيل آهن، ڪيترن ئي ڪتابن جو مواد اڃا موجود پيل آهي جيڪو شايع ڪرايو ويندو. هن چيو ته استاد محمد ملوڪ عباسي سنڌي ٻولي جي ترقي لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي، سندس محنتن عيوض کيس ڀٽائي ايوارڊ، لائيف ٽائيم اچيومينٽ ۽ ڪيترائي ايوارڊ، سنتون ۽ سرٽيفڪيٽ مليل آهن. استاد ملوڪ عباسي جي پٽن ناليواري سگهڙ ممتاز عباسي ۽ شبير عباسي آيل مهمانن جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته اسان جي بابا سائين جون ادب جي شعبي ۾ وڏيون خدمتون سرانجام ڏنل آهن، شايد سنڌ ۾ بابا کانپوءِ ٻيو ڪو سگهڙ اهڙو اعزاز نه ماڻي سگهيو آهي. هنن سنڌ حڪومت توڙي ثقافت کاتي جي وزير کان گهر ڪئي ته بابا سائين جي نالي سان منسوب هال ٺهرايو وڃي جتي سندس تقريبون ڪيون وڃن. هوڏانهن تقريب دوران سنڌ جي ڀلوڙ سگهڙ ايوب واهوچي جي ڪتاب “اوجاڳا ايوب جا” جي مهورت ڪئي وئي.جنهن بعد آيل مهمانن لاءِ لنگر جو بندوبست ڪيو ويو. سگهڙن بيت ڏور بند ۽ ڳجهارتن ذريعي استاد ملوڪ عباسي کي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ فنڪارن سندس بيت ڳائي ورسي تقريب کي يادگار بڻائي ڇڏيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close