ڪڪڙ ويجهو جوهي تعلقي جي پاڻي ۾ ٻڏل ڳوٺن حاجي دريا خان قمبراڻي، ڳوٺ ڪامل برهماڻي ۽ ڳوٺ سيوو خان قمبراڻي واسين حاجي رحمت اللّٰه قمبراڻي، غلام رسول، محمد ايوب قمبراڻي، امداد، محمد جمن، غلام حيدر، آصف قمبراڻي، اعجاز قمبراڻي، شاهنواز برهماڻي، مور برهماڻي ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته اسان جا ڳوٺ پاڻي ۾ مڪمل ٻڏي ويا، جنهن سبب اسان جو سمورو سامان لڙهي ويو ۽ ڪچا پڪا گهر ڊهي پَٽَ پئجي ويا ۽ فصل ٻڏي ويا پر افسوس ضلعي انتظاميا، سماجي تنظيمن سميت ڪنهن به چونڍيل نمائندن اسان جي سار نه لڌي ۽ مڪمل نظر انداز ڪيو ويو آهي. جنهن سبب سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي کليل آسمان هيٺ بي يارومددگار بڻجي ويٺا آهيون. ايم اين اي سردار رفيق احمد جمالي کان مطالبو ڪريون ٿا ته خدارا اسان اوهان کي سدائين ووٽ ڏئي ڪامياب ڪيو. هن ڏکي وقت ۾ اسان جي سار لهي سرڪاري امداد راشن، ٽينٽ ۽ ڪمبل ڏياري ساڻس انصاف ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close