
ڏوڪري ويجهو ڳوٺ ٻَلهڙِيجي جو بوائز گورنمينٽ پرائمري اسڪول جي بلڊنگ زبون بڻجي وئي. مسلسل برساتن سبب اسڪول جي حالت انتهائي خراب ٿي وئي، اسڪول جي ڇت جا چاپڙ ڪري پيا ۽ اسڪول جي ٻنهي ڪمرن جي ڇت ۾ چئن ئي پاسن کان ڏار پئجي ويا ۽ ٻارڙن جي زندگي کي خطرو وڌي ويو آهي، جڏھن ته اسڪول جي شاگردن احتجاجي مظاهر ڪيو. ان موقعي تي اسڪول جي هيڊ ماستر اشرف شاهه، سماجي ورڪر فراز پيرزادو، منير ماڇي ۽ شاگردن احتجاج ڪندي چيو ته هن اسڪول جي زبون حال عمارت ۾ هڪ طرف استاد پريشان آھن ته ٻئي طرف شاگردن جون حياتيون دا تي لڳل آھن. هنن چيو ته ڪيترائي ڀيرا اسڪول جي زبون حالي جو اسڪول جي وزٽ تي ايندڙ آفيسرن کي شڪايتون ڪيون پر سڀ اگھور ننڊ ستل آھن. جڏھن ته ڪو نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهي. هنن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، صوبائي وزير سيد سردار شاهه توڙي ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته جلد اسڪول کي نئين عمارت ڏني وڃي جيئن استادن ۽ شاگردن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.
اسڪول بلڊنگ زبون