سنڌ

قبو سعيد خان ۾ يوسي سيڪريٽري خلاف شهرين جو احتجاج

قبوسعيد خان ۾ يوسي سيڪريٽري نور مگسي جي مبينا ڪرپشن ۽ ڏاڍاين خلاف شھرين برڪت علي مگسي جي اڳواڻي ۾ پي ٽي سي ايل آفيس اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو. ان موقعي مظاھرين برڪت علي مگسي، عبدالجبار مگسي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته يوسي سيڪريٽري نور مگسي رشوت جي بازار گرم ڪري ڇڏي آهي. يوسي سيڪريٽري نور مگسي شھرين کي ٻنھي ھٿن سان ڦري رهيو آهي. شھرين کان ب فارم، فوتي سرٽيفڪيٽ ۽ رهائشي سرٽيفڪيٽ جا 1500 کان 2000 وٺي رھيو آهي جيڪو سراسر ناجائزي آهي. شھرين مطالبو ڪيو ته ڪرپٽ يوسي سيڪريٽري کي هٽائي ڪو ايماندار سيڪريٽري مقرر ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button