سنڌ

ڪراچي ۾ عالمي دفاعي نمائش آئيڊياز 2022 شروع

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان دنيا جي امن لاءِ ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ ڪندو رهندو، ڪشمير مسئلي جو پرامن حل خطي جي بهتري لاءِ اهم آهي. اڱاري تي ڪراچي ايڪسپو ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو بين الاقوامي دفاعي نمائش آئيڊياز 2022 جو افتتاح ڪري ڇڏيو. وڏو وزير مرادعلي شاهه، بين الاقوامي واپاري ۽ فوجي وفد به نمائش جي افتتاحي تقريب ۾ شريڪ ٿيا. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بين الاقوامي نمائش کي خطاب ڪرڻ منهنجي لاءِ اعزاز آهي، بين الاقوامي ملڪن مان ايندڙن کي ڀليڪار چوان ٿو. بلاول چيو ته اتحادي حڪومت ڪيترن ئي چئلينجز کي منهن ڏئي رهي آهي، پاڪستان ڊفالٽ جي خطري مان نڪري چڪو آهي، اتحادي حڪومت ملڪ کي معاشي چئلينج مان ڪڍڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته پرڏيهي پاليسي تحت ٻين ملڪن سان لاڳاپا بهتر ڪري رهيا آهيون، پاڪستان دنيا جي امن لاءِ ڪردار ادا ڪيو ۽ ڪندو رهندو. پ پ چيئرمين چيو ته جديد ٽيڪنالوجي جو استعمال ترقي ڏانهن گهڻو مددگار آهي، ڪشمير مسئلي جو پرامن حل خطي جي بهتري لاءِ اهم آهي، آئيڊيا 2022 جو اهتمام گڏيل هم آهنگي ۽ لاڳاپن جي بهتري ۾ مددگار ثابت ٿيندو. هن چيو ته ٻوڏ سان لکين ماڻهو متاثر ٿيا، موسمي تبديلي جي اثرن سان پاڪستان ڪافي متاثر ٿيو. بلاول ڀٽو چيو ته پاڪستان جا سفارتي لاڳاپا مضبوط کان مضبوط ٿي رهيا آهن. تقريب کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته جديد ٽيڪنالوجي ۽ آرٽيفشل انٽيليجنس جو استعمال ترقي لاءِ مددگار آهي. ٻئي پاسي ڊفينس ايڪسپورٽ پروموشن آرگنائيزيشن (ڊيپو) مطابق 18 نومبر تائين جاري رهندڙ چئن ڏينهن جي نمائش ۾ دنيا جا 64 ملڪ پنهنجي شين سميت شريڪ آهن. هلندڙ سال جي آئيڊياز ۾ پاڪستان سميت 51 ملڪن جا 285 وفد به شريڪ ٿي رهيا آهن، نمائش ۾ آسٽريليا، رومانيا ۽ هنگري پهريون ڀيرو شريڪ ٿيا، انتهائي اهم سيمينار انٽيليجنس ان ڊفينس مارڪيٽ جو اهتمام به ڪيو ويندو، ايڪسپو سينٽر جي 6 هال کان علاوه 3 مارڪيز به قائم ڪيا ويا آهن. هڪ مارڪي ڪشمير جي نالي سان منسوب آهي، ڪراچي جي شهرين لاءِ سمنڊ تي نشان پاڪستان واري هنڌ تي 17 نومبر تي ڪراچي شو جو به اهتمام ڪيو ويندو، سي ويو تي ڊرلز منعقد ڪيون وينديون، آئيڊياز 2022 ۾ هن ڀيري به وزير ۽ هٿياربند فوج جي سربراهن جي قيادت هيٺ دوست ملڪن جي اعليٰ سطح جا دفاعي وفد شرڪت ڪندا، ڊيپو مطابق بين الاقاوامي دفاعي نمائش آئيڊياز 2022 جو اهتمام وڏو چئلينج هو. ايڪسپو سينٽر جا ٻه هال ترڪش ڪمپنين ۽ هڪ چائنا جي شين لاءِ مخصوص ڪيا ويا آهن، دفاعي نمائش ۾ شامل پاڪستاني شيون جي ايف 17 ٿنڊر، الخالد ٽينڪ سميت ٻين شين جي سڄي دنيا ۾ گهڻي گهر آهي، ڪرونا وبا سبب چئن سالن کان پوءِ منعقد ٿيندڙ ايونٽ ۾ سڄي ملڪ مان ننڍا وڏا وينڊرز پنهنجي منفرد شين سان شريڪ ٿيا. آئيڊياز جو اهتمام ٽيڪنالوجي جي مٽاسٽا ۽ هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. آئيڊياز جي پليٽ فارم تي بين الاقوامي ڪميٽييز ۽ ان جي دفاعي انڊسٽريز کي پاڪستاني شين کي ڄاڻڻ جو موقعو ملي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button