سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته جگر جي ٽرانسپلانٽيشن ئي زندگي بچائڻ جو واحد علاج آهي، سندس حڪومت پختو يقين رکي ٿي ته سستي ۽ معياري صحت جون سهولتون هر هڪ شهري جو بنيادي حق آهي نه رڳو اخلاقي ۽ سماجي طور تي لازمي آهي پر اسان جي معيشت ۽ پائيدار سماج جي وڏي عرصي تائين ترقي لا پڻ هڪ لازمي جزو آهي. هن اها ڳالهه چيئرمين پيپلز پارٽي ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ ڊائو اسپتال آف هيلٿ سائنسز (اوجھا ڪيمپس) ۾ جگر جي 75 ڪامياب ٽرانسپلانٽس جي مڪمل ٿيڻ ۽ ڪينسر سينٽر ۽ چئن نون او پي ڊي بلاڪن جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ سنڌ جي وڏي وزير جي پهچڻ تي وائيس چانسلر ڊائو يونيورسٽي سعيد قريشي سندن آجيان ڪئي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري تقريب جو مهمان خاص هو، جڏهن ته ان موقعي تي محنت وارو وزير سعيد غني، پارلياماني سيڪريٽري صحت قاسم سومرو ۽ سيڪريٽري صحت ذوالفقار شاهه پڻ ساڻس گڏ هئا. تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير ليور ٽرانسپلانٽ سروس شروع ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته صحت جي سارسنڀال ڪندڙن سان گڏ بيهڻ اعزاز جي ڳالهه آهي جن محنت ڪري معياري صحت جون سهولتون فراهم ڪيون آهن. هن چيو ته وچڙندڙ بيمارين جي علاج لاءِ ڊگهي عرصي جي ضرورت هوندي آهي. هن چيو ته جگر جي بيماري ملڪ ۾ موت جو سڀ کان وڏو سبب آهي، جگر جي ٽرانسپلانٽيشن ئي زندگي بچائيندڙ جو واحد علاج آهي. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت جو ليور ٽرانسپلانٽ پروگرام تيزي سان جاري آهي. هن چيو ته گمبٽ ۾ 500 مفت ليور ٽرانسپلانٽ آپريشن ڪيا ويا آهن. هن چيو ته سستي ۽ معياري صحت جون سهولتون هر شهري جو بنيادي حق آهي ۽ صحت جي نظام جو سڀ کان وڏو چئلينج مناسب صحت ڪوريج ۽ طبي سهولتن جي برابري جي فراهمي آهي. هن چيو ته غربت سبب ماڻهو ضروري علاج ۾ دير ڪندا آهن ۽ گهڻي ڀاڱي مريض مالي مجبورين سبب ليور ٽرانسپلانٽ ڪرائي نه سگهندا آهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت پاران فنڊز مختص ڪرڻ صوبي ۾ ليور ٽرانسپلانٽ پروگرام جي ترقيءَ لاءِ راهه هموار ڪئي آهي. سنڌ حڪومت جي سهڪار سان ڊائو اسپتال جي ليور ٽرانسپلانٽ يونٽ 75 ڪامياب ٽرانسپلانٽ ڪيا آهن. انسانيت جي خدمت لاءِ ليور ٽرانسپلانٽ پروگرام جاري رکيو ويندو. سنڌ جي وڏي وزير پرائيويٽ سيڪٽر ۽ وسندي وارن تي زور ڀريو ته اهي اڳيان اچن ۽ ليور ٽرانسپلانٽ لاءِ نه رڳو عطيو ڏين پر هڪ مريض جو علاج به ڪرائين ته جيئن انهن جي صحيح نموني سار سنڀال ٿي سگهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شهر ۾ ليور ٽرانسپلانٽ سروس جي ڪاميابي تي ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز کي مبارڪباد ڏني. ان کان اڳ بلاول ڀٽو زرداري ڊائو يونيورسٽي اوجھا ڪيمپس اسپتال ۾ او پي ڊي ڪمپليڪس ۽ ڊاؤ ڪينسر سينٽر جو پيڙهه جو پٿر رکيو ۽ اسپتال جي اڱڻ ۾ ٻوٽو پڻ لڳايو. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير ڊائو يونيورسٽي اوجھا ڪيمپس اسپتال جو دورو ڪيو. ان موقعي تي محنت وارو صوبائي وزير سعيد غني پڻ چيئرمين ۽ وڏي وزير سان گڏ هو. ان کان علاوه ڊاڪٽر سعد خالد نياز تقريب ۾ استقباليه خطاب ڪيو، ڊاڪٽر جهانزيب حيدر DUHS ۾ ليور ٽرانسپلانٽ جي تجربي تي بريفنگ ڏني ۽ وائيس چانسلر ڊاڪٽر سعيد قريشي آيل مهمانن کي ڀليڪار ڪيو ۽ ڊائو يونيورسٽي هيلٿ سائنس جي ڪاميابي تي روشني وڌي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close