گرينڊ الائنس جي سڏ تي پيرا ميڊيڪل عملي، نرسن ۽ ليڊي هيلٿ ورڪرن سرڪاري اسپتالن جي او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا. ان سلسلي ۾ حيدرآباد سول اسپتال، پريٽ آباد، شاهه ڀٽائي ۽ قاسم آباد تعلقي سميت ٻين سرڪاري اسپتالن ۾ ڪاروهنوار بند رهيو. جڏهن ته پيراميڊيڪس، نرسز ۽ عملي عبدالمجيد جتوئي، گلناز، روي تنبولي، ڊاڪٽر روشن چانڊيو ۽ ٻين اسپتالن ۾ مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا. ٿرڙي محبت ويجهو ڳوٺ عثمان ڪلهوڙو ۾ بيسڪ هليٿ سينٽر جي ليڊي هليٿ ورڪرن عابده سرگاڻي، شهربانو، تسليم جوڻيجو، نورالنساءِ، دلشاد، نجمان حور، سلمى، وحيدان ۽ ٻين اسپتال کي تالا لڳائي ڪم ڇڏ هڙتال ڪندي احتجاجي مظاهرو ڪيو. رتوديرو ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرن شاهدا ميراڻي، ساجدا ميراڻي، شاهينه ابڙو، منور سومرو، سميرا ابڙو، رضيه ميراڻي، شازيه شيخ، ساجدا ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. روهڙي ۾ ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل عملي تعلقي اسپتال روهڙي ۾ او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري تالابندي احتجاجي مظاهرو ڪيو. ٽنڊو آدم ۾ ڊاڪٽرز، پيرا ميڊيڪل ۽ نرسنگ اسٽاف تعلقي اسپتال ۾ او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ڪري محمد مٺل پڃارو، مبارڪ خاصخيلي، ڪانڊيرو خان راهو، ڊاڪٽر وحيد جيلاني، نعيم اختر ڪيريو ، ڊاڪٽر امام علي ٻگهيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو سرهاڙي جي ڊاڪٽرن، پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۽ ليڊي هيلٿ ورڪرن ڊاڪٽر ارشد علي ڄاريڪو، محمد اقبال، سيد ذوالفقار علي شاهه، ڪامريڊ علي حسن مشوري او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري اسپتال جي مک گيٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. خيرپور ۾ ڊاڪٽرن، پيرا ميڊيڪل اسٽاف رسڪ الائونس ۽ ڪراچي ۾ نرسنگ ۽ ڊاڪٽرن مٿان پوليس تشدد واري واقعي خلاف سٽي اسپتال خيرپور کان پريس ڪلب خيرپور تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو. سول اسپتال مڪلي ۾ حاجي اشرف خشڪ، عبدالڪريم ڀاند، حاجي اسد خشڪ، بابو ھدايت الله فاضلاڻي، حاجي ابراھيم سميجو، منظور چانڊيو، معشوق پنھور، لياقت عباسي، انور جاکرو، علي ڏنو خاصخيلي، عطا ناريجو، بچل پنھور، لاھوتي گڊو خشڪ، اصغر جاکرو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. ٽنڊو غلام علي اسپتال ۾ ڊاڪٽر مظھر ڀرڳڙي، محمد صالح باگراڻي، رياض قادري، علي غلام جلالاڻي، نورجهان چانڊيو ۽ مهرالنساءُ او پي ڊي بند ڪري ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو مظاھرو ڪيو. لاڙڪاڻي ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرن سول اسپتال، چانڊڪا اسپتال، شيخ زيد چلڊرين اسپتال ۽ شيخ زيد وومين اسپتالن جي او پي ڊيز سميت ليباريٽري، ايڪسري، الٽراسائونڊ، آپريشن ٿئيٽر ۽ ٻين شعبن جي تالابندي ڪري اڳواڻن شاهي خان جاگيراڻي، ذوالفقار علي سهتو، قاسم جسڪاڻي، ذوالفقار سهتو، روبينه شبنم، غلام حسين جلباڻي، قيصر خان لهر، غلام حسين لانگاهه، دلمراد جاگيراڻي، ڪامل شيخ ۽ ٻين سول اسپتال کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته پوري سنڌ ۾ صحت کاتي جا ملازم 32 ڏينهن کان رسڪ الائونس، ٽائيم اسڪيل، سروس اسٽرڪچر ۽ يوٽيلٽي الائنس سميت ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ سراپا احتجاج بڻيل آهن، گذريل جمعي ڏينهن اسان جي مرڪزي اڳواڻن ڪراچيءَ ۾ ڌرڻو هنيو. هنن چيو ته روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان جي نعري هيٺ سنڌ ۾ 14 سالن کان سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت آهي جن حڪمرانن کي اسان عوام ووٽ ڏئي ڪامياب ڪرائي اقتدار جون واڳون حوالي ڪيون اڄ اهي حڪمران اسان کي پنهنجا جائز حق گهرڻ تي تشدد جو نشو بڻائي ڀت سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن پر اسان ڊڄڻ وارا ناهيون ۽ مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي تحريڪ پوري سنڌ ۾ جاري رکنداسين.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close