قمبر ۾ پوليس اهلڪار جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ پريس ڪلب آڏو علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. پوليس اھلڪار نعيم عباس قريشي جا قاتل پنھل سومرو، لياقت سومرو هن وقت تائين قمبر پوليس گرفتار نه ڪري سگهي. شھيد نعيم عباس قريشي جي ڀاءُ نويد عباس قريشي، اياز ميرجت، يونس چانڊيو، فياض چانڊيو، روشن انصاري، فيصل قريشي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته قمبر پوليس 39 ڏينهن گذرڻ باوجود هن وقت تائين هڪ به جوابدار گرفتار ناهي ڪري سگهي نه وري ڪورٽ ۾ چالان پيش ڪري سگهي آهي. اسان اختيارين کان مطالبو ٿا ڪريون ته پوليس اهلڪار نعيم عباس قريشي جا قاتل فوري طور تي گرفتار ڪيا وڃن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close