مدئجي ويجهو معمولي ڳالهه تان سئوٽن ۾ جهيڙو ٿي پيو، فائرنگ سبب ٻن عورتن سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا. مدئجي ويجهو ڳاهيجا ٿاڻي جي حد ڳوٺ رامڻ شر واسي سئوٽن ۾ جهيڙي دوران ڌرين فائرنگ ڪئي، جنهن دوران گوليون لڳڻ سبب ٻن عورتن سميت پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا. زخمين ۾ ڇٽڻ خاتون شر، ڪامل شر، علي اڪبر شر ۽ ٻيا شامل آهن. زخمي عورتن کي شڪارپور اسپتال نيو ويو، جتي زخمن جي سٽ نه سهندي عورت ڇٽڻ خاتون شر فوت ٿي وئي. عورت جي فوت ٿيڻ بعد وارثن ۾ قهرام مچي ويو. جنهن بعد ضروري ڪارروائي بعد عورت جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪو وارث ڳوٺ کڻائي ويا. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ڳاهيجا پوليس ٻڌايو ته شر برادري جي سئوٽن ۾ جهيڙو ٿيڻ بعد فائرنگ ڪئي وئي، جنهن ۾ ٻن عورتن سميت پنج ڄڻا زخمي ٿيا جن مان هڪ عورت شڪارپور اسپتال ۾ فوت ٿي آهي. وارثن جي اچڻ بعد ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو ۽ نه ئي پوليس جوابدارن خلاف ڪا ڪارروائي ڪري سگهي هئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close