اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌڪابينا جي اجلاس ۾ ڪميشن فار دي پروٽيڪشن آف جرنلسٽس اينڊ ميڊيا پريڪٽشنرز، سينيئر سٽيزن ڪارڊ، وليج اليڪٽريفڪيشن جي تحت مختلف ڳوٺن جي سولر انرجي تي منقلي جي منظوري سميت ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ اهم فيصلا ڪيا ويا آهن. سنڌ ڪابينا جي اجلاس بابت سنڌ آرڪائيوزڪمپليڪس ۾ ميڊيا بريفنگ ڏيندي هن ٻڌايو ته جسٽس (ر) رشيد اي رضوي کي صحافين جي تحفظ لاءِ ڪميشن جو چيئرمين بڻائڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. هن چيو ته سنڌڪابينا سينيئر سٽيزن لاءِ ڪارڊ جي جاري ڪرڻ جي به منظوري ڏني آهي، جنهن تحت 60 سالن کان وڌيڪ عمر جي شهرين کي مختلف سهولتون فراهم ڪيون وينديون. هن چيو ته ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ اهم فيصلا ڪيا ويا ۽ ڪميٽيون جوڙيون ويون. هن چيو ته متاثر هر هاري کي 5 هزار رپيا في ايڪڙ گرانٽ ڏني ويندي، ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت 20 لک هارين کي اها گرانٽ ڏيندي. ان سان هارين کي ايندڙ فصل لاءِ ٻج، ڀاڻ ۽ سندن ايندڙ فصل تيار ڪرڻ ۾ مدد ملندي. صوبائي وزير چيو ته اها سبسڊي زميندارن کي نه پر رڳو هارين کي ڏني ويندي. ڇاڪاڻ ته هاري زميندار سان ڀائيوار آهن. ملڪ جي موجوده صورتحال بابت ڳالهائيندي هن چيو ته ملڪ جون حالتون سڀني جي سامهون آهن، اهو شخص جيڪو ڪڏهن مني لانڊرنگ ۽ فارين فنڊنگ ۾ پڪڙيو ويو، جنهن تي فيصلا به اچي ويا آهن ته اسرائيل ۽ ڀارت کان فنڊنگ وٺندو رهيو، هن شخص پيسن جي حوس ۾ قيمتي گهڙي ڪجهه سوين روپين ۾ وڪرو ڪري ڇڏي، عمران ٻڌائي ته ان وٽ قيمتي گهڙيون خريد ڪرڻ جي رقم ڪٿان آئي، جڏهن ته ان وٽ گوشوارن ۾ ٻڌايل ملڪيت جي تفصيل مان خبر پوي ٿي ته ان وٽ ته گهڙي خريد ڪرڻ جي طاقت ئي نه هئي. هن چيو ته فرنٽ ليڊي ڪير هئي، ان جي سڀني کي خبر آهي، جنهن پنجاب ۾ تحصيلدار کان وٺي ڪري ايس ايس پي مقرري ڪرڻ جا ريٽ مقرر ڪيا هئا. تحريڪ انصاف جي حڪومت وڃڻ جي بعد جيڪڏهن ايتري ايماندار عورت هئي ته ڇو پاڪستان کان ٻاهر ڀڄي وئي. هن چيو ته ٻاهر ويهي اها عورت اڃا به ريڪٽ هلائي رهي آهي ۽ پنجاب ۾ ٽرانسفر پوسٽنگ جا پيسا ٻاهر وڃي رهيا آهن. هن چيو ته هي شخص مسلسل يوٽرن هڻندو رهيو آهي، سائفر جي معاملي تي ڇهه، اٺ مهينا قوم کي بيوقوف بڻايو، پرچو ڦرڪائيندو رهيو، هاڻي چوي ٿو ته پراڻي ڳالهه آهي، هن چيو ته لانگ مارچ ناڪام ڏسي ڪري سيف ايگزٽ ڳولڻ لاءِ ڪوششون ڪندو رهيو. وڌيڪ چانسز ان ڳالهه جا آهن ته عمران خان پاڻ تي حملو ڪرائڻ جو ڊرامو رچايو. هي ڪوئي جيمس بونڊ آهن ته چار گوليون لڳڻ جي بعد 150 ڪلو ميٽر پري لاهور هليو ويو. ڪڏهن چون ٿا ٻه گوليون ڪڏهن چون ٿا ته چار گوليون لڳيون آهن. هن چيو ته وفاقي گهرو وزير رانا ثنا الله کي درخواست ڪريان ٿو ته وفاقي ميڊيڪل بورڊ ٺاهين، ڪنهن کي اپيل نه ڪن، نوٽيفڪيشن ڪڍن ته جيئن خبر پوي ته ان کي ڪيتريون گوليون لڳيون آهن. هن چيو ته عمران خان سڀني کي تڪراري بڻائڻ چاهي ٿو. هن اليڪشن ڪميشن کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته هن پاڻ اليڪشن ڪمشنر مقرر ڪيو هو. عمران خان عدالتن کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي. هاڻي هڪ اهم اداري کي تڪراري بڻايو پيو وڃي. پاڪ آرمي پنهنجي ذميواريون قانون جي مطابق ادا ڪري رهي آهي ۽ اسان جي سرحدن جي حفاظت ڪري رهي آهي. جڏهن اسان کي ضرورت پوندي آهي ته انهن کي قدرتي آفتن ۽ ايمرجنسي جي صورتحال ۾ انهن جون خدمتون حاصل ڪندا آهيون. هن چيو ته عمران خان کي مني لانڊرنگ ۽ فارين فنڊنگ ۾ سزا ٿيڻي آهي، هو بچڻ لاءِ مهم هلائي رهيا آهن، جيڪو شخص پنهنجي صوبي ۾ ايف آءِ آر نٿو ڪٽرائي اهو اڳتي ڇا ڪندو. هن چيو ته عمران خان ملڪ کي وڏو نقصان ڏنو آهي، نوجوان نسل کي غلط راهه تي وجهي ڇڏيو آهي، هن شخص جي خلاف قانون جي مطابق ڪارروائي ٿيڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيڪڏهن عمران خان چوي ٿو ته هي گهڙي وڪرو ڪرڻ جي ڪهاڻي ان جي خلاف ڊرامو آهي ته هو سچ ٻڌائين ته ڪنهن کي گهڙي وڪرو ڪئي آهي. هن چيو ته عمران خان جو بنيادي ڪم ڪوڙ ڳالهائڻ آهي. هن چيو ته هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ايم ڪيو ايم سان ڳالهه ٻولهه سٺي ماحول ۾ هلي رهي آهي. ايم ڪيو ايم کان جيڪا ڪميٽمينٽ ڪئي آهي، ان کي پورو ڪنداسين. ڊاڪٽرن ۽ صحت کاتي جي ملازمن جي احتجاج تي هن چيو ته صحت کاتي جي ملازمن ۽ ڊاڪٽرز اسان جا پنهنجا آهن انهن سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون. ڊاڪٽر انتهائي محترم آهن. ڪووڊ ۾ بهترين خدمتن تي انهن کي سلام پيش ڪيون ٿا. ڊاڪٽرن ۽ صحت کاتي جي ملازمن جا جيترا به جائز مطالبا آهن، ان تي ڳالهه ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت تيار آهي. هن چيو ته صحت کاتي جي ملازمن کي ڪووڊ رسڪ الائونس نٿا ڏئي سگهون. ان تي حڪومت کي 22 ارب روپين خرچ اچي رهيو آهي. هن چيو ته ڊاڪٽرن کي باقي صوبن کان وڌيڪ سهولتون ڏنيون پيون وڃن. او پي ڊي بند ڪرڻ صحيح عمل نه آهي. هن چيو ته صحت کاتي جا ملازم احتجاج ختم ڪن، حڪومت انهن سان جائز مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close