پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته ڪرونا وائرس کانپوءِ ٻوڏ 2022 صوبائي معيشت کي گهڻو متاثر ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته غربت جي شرح 43 سيڪڙو سميت ٻهراڙي وارن علائقن ۾ 75 ڏهائي 5 سيڪڙو شرح رڪارڊ ڪئي وئي آهي. بلاول ڀٽو زرداري صوبائي حڪومت تي زور ڀريو ته هو سمورن سرڪاري طريقيڪار ۽ ميڪنزم کي حتمي شڪل ڏئي ۽ سمورن تباهه ٿيل شعبن ۾ تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي بحالي شروع ڪري، تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر سميت گهرن، روڊن ۽ آبپاشي نظام جي بحالي سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، جنهن سان صوبي ۾ غربت جي شرح ۾ گهٽتائي ايندي جيڪا تيز برساتن ۽ ٻوڏ سبب وڌي وئي هئي، آئون چاهيان ٿو ته صوبائي حڪومت تعميراتي ڪم کي تيز ڪري جيڪو روزگار جو ذريعو پڻ بڻجندو. هن اها ڳالهه اڄ وزيراعليٰ هائوس ۾ اعليٰ سطحي اجلاس کي خطاب ڪندي چئي. اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، چيئرمين پي اينڊ ڊي حسن نقوي، وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري فياض جتوئي، صوبائي سيڪريٽرين ۽ ٻين شرڪت ڪئي. وڏي وزير پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي بريفنگ ڏيندي چيو ته سنڌ کي مختلف شعبن جي تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي نئين سِر تعمير / بحالي لاءِ 7 ڏهائي 86 ارب ڊالر گهربل آهن. هن وڌيڪ چيو ته نقصان جو اندازو ۽ ابتدائي ڪاٿو ظاهر ڪري ٿو ته هائوسنگ شعبي کي 55 سيڪڙو يعني 570 ڏهائي 167 ارب رپين جو نقصان ٿيو آهي. اهڙي ريت تعليم جي شعبي ۾ 10 سيڪڙو سان 97 ڏهائي 848 ارب روپيا، آبپاشي ۽ روڊ نيٽ ورڪ جي شعبن ۾ ترتيبوار 9 سيڪڙو سان گڏ 94 ڏهائي 781 ارب روپيا ۽ 94 ڏهائي 344 ارب روپيا، مڪاني کاتي جي پاڻي ۽ صفائي بابت 5 سيڪڙو يعني 53 ڏهائي 54 ارب روپيا، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ جي پاڻي ۽ صفائي بابت هڪ سيڪڙو يعني 9 ڏهائي 872 ارب روپيا، صحت جي بنيادي سهولتن کي 2 سيڪڙو يعني 21 ڏهائي 934 ارب رپيا، لائيو اسٽاڪ، پولٽري ۽ فشريز جي شعبي ۾ 4 سيڪڙو يعني 46 ڏهائي 053 ارب رپيا، لوڪل گورنمينٽ روڊ نيٽ ورڪ ۾ 2 سيڪڙو يعني 16 ڏهائي2 ارب رپيا ۽ 3 سيڪڙو ٻين شعبن ۾ جنهن جي ماليت 46 ڏهائي 053 ارب رپيا آهي، انهن کي نقصان ٿيو. چيئرمين بلاول ڀٽو چيو ته ڪرونا وائرس کانپوءِ ٻوڏ 2022 صوبائي معيشت کي گهڻو متاثر ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته غربت جي شرح 43 سيڪڙو سميت ٻهراڙي وارن علائقن ۾ 75 ڏهائي 5 سيڪڙو شرح رڪارڊ ڪئي وئي آهي. بلاول ڀٽو زرداري صوبائي حڪومت تي زور ڀريو ته هو سمورن سرڪاري طريقيڪار ۽ ميڪنزم کي حتمي شڪل ڏئي ۽ سمورن تباهه ٿيل شعبن ۾ تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي بحالي شروع ڪري. هن چيو ته عوام لاءِ روزگار پيدا ڪرڻ جو اهو ئي واحد رستو آهي، جيڪو غربت گهٽائڻ ۾ ڪارگر ثابت ٿيندو. سنڌ جي وڏي وزير ، چيئرمين بلاول ڀٽو کي سنڌ ڪابينا پاران گهرن جي تعمير شروع ڪرڻ لاءِ 50 ارب رپيا منظور ڪرڻ واري فيصلي بابت آگاهه ڪيو، جنهن تي بلاول وڏي وزير کي هدايت ڪئي ته تعميراتي ڪم نومبر جي آخر تائين شروع ڪيو وڃي. هن چيو ته ٻوڏ سبب خريف جو سمورو فصل تباهه ٿيو آهي، تنهنڪري ٻهراڙي وارن علائقن جا ماڻهو نه رڳو پنهنجن گهرن کان محروم ٿيا پر سندن تيار فصل جو نقصان به ٿيو آهي. بلاول ڀٽو چيو ته ٻهراڙي جي عوام کي پهريون رليف تڏهن ملندو، جڏهن کين رقم جي منتقلي ٿيندي، جيڪي سندن ربيع جي فصل لاءِ ٻج ۽ يوريا جي خريداري تي خرچ ڪئي آهي. هن مشاهدو ڪندي چيو ته جڏهن فصل لهندو ته اهي راحت محسوس ڪندا. هن چيو ته تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر تي تعميراتي ڪم شروع ڪرڻ سان مختلف شعبن ۾ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. چيئرمين بلاول ڀٽو چيو ته هو هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ جي تباهي واري معاملي کي عالمي برادري آڏو اٿاريندو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته اهي متاثرن جي بحاليءَ ۾ سنڌ حڪومت جي مدد ڪندا. هن چيو ته هو ٻج ۽ ڀاڻ لاءِ رقم جي ورڇ ۽ تعميراتي ڪمن جي شروعات بابت اڳڀرائي جو ٻيهر جائزو وٺندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close