سنڌ

بلاول ڀٽو سان گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري جي ملاقات

سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري پرڏيهي وزير ۽ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان بلاول هائوس ۾ ملاقات ڪري ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال، صوبي کي مختلف شعبن ۾ درپيش مسئلن، ٻوڏ متاثرن جي بحالي، انفراسٽرڪچر جي تعمير ۽ شهر قائد جي ترقياتي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، صوبي جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو، پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي گورنر لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو ويو. سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري لڪي مروت ۾ دهشتگردي جي واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته فوج ملڪ ۾ امن امان جي قيام لاءِ بيشمار قربانيون ڏنيون آھن، اهڙا واقعا حوصلا ڪمزور نٿا ڪري سگهن، سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري لڪي مروت ۾ دهشتگردي جي واقعي جي مذمت ڪئي آهي، هن چيو ته ملڪ ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ پاڪ فوج، رينجرز ۽ پوليس بي مثال قربانيون ڏنيون آهن، هن وڌيڪ چيو ته دهشتگرد اهڙن واقعن سان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا حوصلا ڪمزور نٿا ڪري سگهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button