شڪارپور ويجهو سارين جي ول جي چوري تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، ٻنهي ڌرين جي هٿياربندن جي هڪٻئي مٿان ڪيترائي ڪلاڪ فائرنگ ڪئي. فائرنگ دوران گوليون لڳڻ سبب هڪ ڄڻو سراج معرفاڻي ٿڏي تي قتل ٿي ويو. خبر موجب شڪارپور ويجهو جهان واهه ٿاڻي جي حد ڳوٺ ٽيائي ۾ سارين جي ول جي چوري تان اڳوڻي صوبائي وزير مير بابل ڀيو جي مامي ذولفقار ڀيو ۽ سردارو معرفاڻي جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن تي ٻنهي ڌرين جي هٿياربندن هڪ ٻئي مٿان جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪري ڏني، فائرنگ پورو علائقو 2 ڪلاڪن تائين جنگ جو ميدان بڻيل رهيو، جڏهن ته ڀرپاسي جا ڳوٺاڻا گهرن تائين محدود ٿي ويا. فائرنگ جي نتيجي ۾ معرفاڻي برادري جو هڪ ڄڻو سراج علي پٽ راڻو معرفاڻي موقعي تي گوليون لڳڻ سبب قتل ٿي ويو. جڏهن ته سردارو معرفاڻي، حميد معرفاڻي ۽ سعيد معرفاڻي زخمي ٿي پيا. ٻئي طرف فائرنگ جي نتيجي ۾ ڀيا برادري جا ذوالفقار علي ڀيو، محبوب علي ڀيو ۽ ياسين زخمي ٿي پيا. زخمي واقعي واري هنڌ تي ٻن ڪلاڪن تائين تڙپندا رهيا، ٻن ڪلاڪن بعد ايس ايس پي شڪارپور فيضان علي ۽ اي ايس پي سٽي فاضل شاهه مختلف ٿاڻن جي وڏي پوليس نفري ساڻ ڪري جهيڙي واري هنڌ تي پهتا، جنهن فائرنگ بند ڪرائي زخمين کي کڻائي شڪارپور اسپتال پهچايو، جتان وڌيڪ زخمين کي مختلف اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو. جڏهن ته واقعي جو ڪو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو. ٻئي طرف اڳوڻي ايم پي اي مير بابل خان ڀيو واقعي واري هنڌ پهچي ميڊيا کي ٻڌايو ته منهنجي مامي مير ذوالفقار خان ڀيو جي زمين تان سارين جي چوري ٿي هئي، جنهن جا پيرا معرفاڻي ڌر جي گهرن ڏانهن ويا، جنهن تان فائرنگ ٿي ۽ جهيڙو ٿي پيو. هن ٻڌايو ته مان معرفاڻي برادري جو سردار آهيان، هڪڙي ڏوهاري ٽولي سان جهيڙو آهي، معرفاڻي جي ممڻاڻي پاڙي جا ڪجهه ماڻهو آهن انهن سڄو تر تپايو آهي، انهن جي ڪري سڄو علائقو بدنام آهي. سرادرو معرفاڻي ۽ عبدالرحمان معرفاڻي جي ڌر جا ڪجهه اهڙا ماڻهو آهن جن تي پوليس جا ڪيس آهن، اهي ڏوهاري آهن، انهن شرپسندن جي ڪري هي مسئلا وڌن ٿا پر انهن کي ڪڏهن علائقي جو امن خراب ڪرڻ نه ڏبو انهن کان هر حالت ۾ حساب وٺبو ۽ اسان پر اميد آهيون ته جلد اهي پوليس جي گرفت ۾ هوندا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close