ٺٽي ويجهو ڌاٻيجي شهر جي رهواسي محمد يونس جتوئي پنهنجي ساهه جي تڪليف ۾ مبتلا بيمار 14 ورهين جي پٽ حسين جتوئي جي علاج لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي هن چيو ته منهنجو پٽ حسين بخش جتوئي سال 2015 کان ساهه جي تڪليف ۾ مبتلا آهي. هن الزام لڳايو ته گذريل ڏينهن مون پٽ کي شيخ زيد چلڊرين اسپتال ۾ داخل ڪرايو جتي پٽ کي نيوبلائيزر ڪونه ملي سگهي، شڪايتن تي نرسن ۽ سيڪيورٽي گارڊ اسان کي ڇڙٻون ڏئي وارڊ مان نيڪالي ڏئي ڇڏي جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هن مطالبو ڪيو ته پٽ جو علاج ڪرائي سندس حياتي بچائي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close