قمبر ۾ پوليس اهلڪار نعيم عباس قريشي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ علامتي بک هڙتال مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي شھيد نعيم عباس قريشي جي ڀاءُ نويد عباس قريشي، اياز ميرجت، يونس چانڊيو، فياض چانڊيو، روشن انصاري، فيصل قريشي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته قمبر پوليس 40 ڏينهن گذرڻ باوجود هن وقت تائين جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي نه ئي ڪورٽ ۾ چالان پيش ڪري سگهي آهي. هنن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته پوليس اهلڪار نعيم عباس قريشي جا قاتل گرفتار ڪيا وڃن. ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close