سنڌ

باڊهه ۾ پرڻيل عورت مٿان مامي جو تشدد، ٻانهن ڀڄي پئي

باڊهه ويجهو ڳوٺ دڙا ۾ جوابدار نظير جوڻيجو پنهنجي ڀاڻيجي 8 ٻارن جي ما شازيا زال محرم جوڻيجو تي تشدد ڪري سندس ٻانهن جو چنبو ڀڃي ڇڏيو. متاثر عورت ٿاڻي تي پھچي مامي نظير جوڻيجو خلاف دانھون ڪيون. پوليس عورت جي دانھن تي جوابدار نظير جوڻيجو خلاف اين سي داخل ڪري کيس ڏوڪري تعلقي اسپتال ۾ اماڻيو، جوابدار کي پوليس گرفتار نه ڪري سگھي ھئي. ھوڏانھن متاثر عورت شازيه جوڻيجو دانھيندي چيو ته ڪجھ وقت اڳ مامي نظير جوڻيجي اسان کان ٻه لک ورتا ھئا اھا رقم واپس گھرڻ تان ھن مڇرجي سخت تشدد جو نشانو بڻايو، نتيجي ۾ منھنجي کاٻي ٻانھن جو چنبو ڀڃي پيو آھي. عورت ٻڌايو ته ڏوڪري اسپتال ۾ ليڊي ڊاڪٽر ٻانھن جو معائنو ڪرڻ بعد ڀڃي پوڻ جي رپورٽ ڏني آھي. متاثر عورت دانھيو ته پوليس جوابدار کي گرفتار ڪرڻ کان لنوائي رھي آھي. هن ڊي آئي جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري رقم واپس ڏياري وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button