سنڌ

لاڙڪاڻي آرٽس ڪائونسل ۾ اداڪار ۽ شاعر ارباب شيخ سان مڃتا رهاڻ

آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻي جي ڊرامي واري شعبي جي آرٽسٽ نياز شيخ ڀٽائي ادبي ھال ۾ ناليواري ھدايتڪار اداڪار ۽ شاعر ارباب علي شيخ سان مڃتا رھاڻ رچائي وئي، جنھن ۾ شاعرن، اداڪارن ۽ ساڃاهه وندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري کيس اجرڪ ۽ گلن جا ھار پارايا. ان موقعي تي سنڌ يونيورسٽي لاڙڪاڻي ڪيمپس جي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر سيد اظھر علي شاهه چيو ته لاڙڪاڻو سياست، ادب ۽ آرٽ جو صدين کان وٺي گھوارو رھيو آھي. ھي ادارو فن جي واڌ ويجھه ۾ نرسري وارو ڪم ڪري رھيو آھي، ارباب شيخ کي جس ھجي جنھن سموري زندگي پنھنجي مدد پاڻ تحت ڊرامي ۽ شاعري واري شعبي ۾ لاڀائتو ڪردار ادا ڪيو آھي. آرٽس ڪائونسل لاڙڪاڻي جي باني عبدالستار کھاوڙ چيو ته ارباب شيخ غير معمولي حيثيت رکندڙ آرٽسٽ آھي، ھن ڪيترائي شاگرد پڻ پيدا ڪيا آھن. ادبي شعبي جي چيئرمين پروفيسر ملھار سنڌي چيو ته سماج اندر امن، پيار ۽ سونھن جي سلامتي خاطر آرٽ جو وڏو رول رھيو آھي. ارباب شيخ ان سلسلي ۾ سڦلائتو ڪم ڪيو آھي. سلات جي اڳواڻ ارشاد علي عرضائي چيو ته ارباب شيخ بھترين شاعر آھي ھن سڄي زندگي پنھنجو ڪم سچائي سان سرانجام ڏنو آھي. تقريب کي محمد پريل ڀٽو، عاشق دايو، ستار لاڙ، اعجاز سولنگي ۽ ٻين خطاب ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button