سنڌ

لاڙڪاڻو ايڪشن ڪميٽي پاران اسپتالن ۾دوائن جي کوٽ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻو ايڪشن ڪاميٽي پاران لاڙڪاڻي جي سرڪاري اسپتالن ۾ علاج، دوائن ۽ ٻين سهولتن جي کوٽ خلاف پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي ڪاليا کوسو، جاويد علي ٽڳڙ، وشال ملاڻي، شير خان کوسو، بابر سولنگي، نويد علي کوسو، گلزار علي کٽياڻ، گلشير احمد بروهي ۽ ٻين چيو ته چانڊڪا اسپتال جي سرڪاري دوائن جا انچارج ملي ڀڳت ڪري جعلي بل ٺاهي سنڌ حڪومت کان دوائن جا ڪروڙين روپيا وصول ڪري رهيا آهن ۽ لاهور جي ڪمپنين سان معاهدو ڪري جعلي دوائون گهرايون پيون وڃن. تازو هنن جعلي ڪمپنين کان دوائون گهرائي 40 ڪروڙ روپيا ورتا. هنن چيو ته جعلي دوائن جي استعمال سبب مريض صحتياب ٿيڻ بدران مختلف خطرناڪ بيمارين ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته ڪميشن خور ۽ ڪرپٽ جعلي بل ٺاهيندڙ انچارجن کي هٽائي سندن خلاف ڪارروائي ڪري ڪرپشن ذريعي هڙپ ڪيل پئسو واپس ڪرائي ايندڙ مريضن کي علاج ۽ دوائن جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button