سنڌ

ڏوڪري مان اغوا ڄاڻايل شاگرد کي پوليس بازياب ڪرائي ورتو

ڏوڪري مان مبينا طور اغوا ڄاڻايل شاگرد حق نواز جوڻيجو کي ڏوڪري پوليس بازياب ڪرائي ورتو. وارثن ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي. ڏوڪري پوليس گشت دوران سنهري روڊ وٽان نوجوان کي بازياب ڪرائڻ بعد ڏوڪري جي عدالت نمبر 2 ۾ پيش ڪيو. پوليس بازياب ڪرايل نوجوان کي عدالت ۾ بيان ڏيارڻ بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو. مبينا طور اغوا ڄاڻايل شاگرد جو چئن جوابدارن خلاف ڏوڪري ٿاڻي تي اغوا جو ڪيس داخل ٿيل آهي. ان سلسلي ۾ پوليس ٻڌايو ته مبينا طور اغوا ٿيل نوجوان جو وارثن پاران 40 ڏينهن اڳ اغوا ٿيڻ جو چئن جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو هو، جنهن کي سنهري روڊ سان گشت ڪري رهيا هئاسين ته جوابدار نوجوان کي روڊ سان ڪنهن ٻي جاءِ تي وٺي وڃي رهيا هئا ته پوليس موبائيل کي ڏسي نوجوان کي رستي ۾ ڇڏي جوابدار فرار ٿي ويا. جڏهن ته بازياب ڪرايل نوجوان کي ڏوڪري جي عدالت 2 ۾ بيان لاءِ پيش ڪيو، جنهن بعد نوجوان کي وارثن حوالي ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button