پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اڄ جا ٻار سڀاڻي جا ليڊر آهن، انهن جي ذهنن کي رواداري سان اڳتي وڌائڻ جي ضرورت آهي. ٻارن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ٻارن کي سموريون گهربل سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت ۽ معاشري جي ذميواري آهي، تعليم، صحت، صاف ۽ پرامن ماحول ٻارن جي صحتمند واڌ ويجهه لاءِ ضروري آهي. هن چيو ته پاڪستان اندروني ۽ ٻاهرين سطح تي ڪيترين ئي ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيو آهي، اسان جي پهرين ترجيح ٻارن جو مستقبل روشن بڻائڻ آهي. سندس چوڻ هو ته پوليو جا تقريبن چوٿون حصو ڪيس رڳو پاڪستان مان رپورٽ ٿي رهيا هئا، شهيد بينظير ڀٽو وزيراعظم طور پنهنجي ٻئي حڪومتي دور ۾ پوليو خلاف مهم شروع ڪئي، اڄ اسان پوليو کان پاڪ ملڪ بڻجڻ وارا آهيون. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ٻوڏ سبب متاثر ٻارن تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، برساتن ۽ ٻوڏ سان متاثر ٻارن ۾ ٽيون حصو ٻار آهن، موسمياتي تباهي جي نتيجي ۾ تقريبن 19 هزار اسڪولن کي نقصان پهتو، مان عالمي سطح تي موسمياتي انصاف جي فائدي تي زور ڏنو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close