مٽياري شگرمل جي ڊائريڪٽر دوست محمد بلوچ چيو آهي ته سنڌ ۾ کنڊ سستي اگهه ۾ وڪرو ٿي رهي آهي، جنهن سان اسان کي نقصان ٿئي ٿو، جيڪڏهن ڪمند جو اگهه 250 مان وڌائي 300 روپيا في مڻ ڪيو ويو ته شگرملون بند ڪري ڇڏينداسين. هن اهڙو اظهار حيدرآباد پريس ڪلب ۾ جنيد اڪبر شاهه ۽ اختر علي هاليپوٽو سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن چيو ته تازو برسات جي تباھڪارين کي نظر ۾ رکندي اسان 11 نومبر کان شگر سيزن شروع ڪري ڇڏي آھي، پراڻي سال جي قيمتن تي اسان ڪمند خريد ڪري رھيا آھيون. ھن چيو ته ڪجهھ ڏينھن پھرين پنجاب حڪومت ڪمند جي في مڻ جو اگهھ 300 روپيا مقرر ڪيو آھي، اسان کي خدشو آھي ته سنڌ حڪومت به ڪمند جي في مڻ جو اگهھ 300 روپيا مقرر ڪندي، جيڪڏھن ائين ٿيو ته شگرمل بند ڪري ڇڏينداسين. ھن چيو ته اڍائي سئو روپيا في مڻ ڪمند خريد ڪري رھيا آھيون، تنھن ھوندي به اسان کي نقصان ٿي رھيو آھي. ھن چيو ته عالمي منڊي ۾ کنڊ جون قيمتون بھتر آھن پر اسان جي ملڪ ۾ کنڊ جي قيمت تمام گھٽ آھي، جنوري تائين جي کنڊ جمع ڪري ورتي آھي، جيڪڏھن مھانگي اگهھ ۾ ڪمند خريد ڪنداسين ته نقصان ٿيندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close