سنڌ

قاسم آباد جي رهواسين جو قبضا مافيا خلاف احتجاجي مظاهرو

قاسم آباد جي علائقي ڀٽائي نگر جي رهواسين قبضا مافيا خلاف ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ڀٽائي نگر جي رهواسي ڪپيل ڪمار ۽ ٻين چيو ته قبضا مافيا سچل جويو ۽ سندس زال سعديه جويو سرڪاري پلاٽ جا ڪوڙا ڪاغذ ٺهرائي ان تي 7 ماڙ بلڊنگ ٺهرائي ڇڏي آهي، جنهن کي مختيارڪار الطاف ڪورائي جي پٺڀرائي حاصل آھي. هنن چيو ته 8 مهينا اڳ “الرحمان هيون اسڪيم” جي بائونڊري وال ٽوڙي ڀٽائي نگر ٿاڻي جي حد ۾ ڀيم راج جي پلاٽ تي ڄاڻايل قبضا مافيا قبضو ڪيو هو ۽ هاڻ اسان جي پلاٽ تي قبضو ڪري اڏاوت ڪرڻ چاهين ٿا، رشوت عيوض مختيارڪار ۽ ٻين کي لالچون ڏئي حمايت حاصل ڪري ورتي آهي، اسان غريب آهيون، جنهن سبب پوليس سميت ڪير به فرياد ٻڌڻ وارو ناهي. هنن مطالبو ڪيو ته پلاٽ تان قبضو ختم ڪرائي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button