سنڌ

جاتي ۾ شهرين جي منشيات جي وڪري خلاف ريلي،ڌرڻو

جاتي ۾ منشيات روڪ تحريڪ جي سڏ تي مختلف تنظيمن جا جھنڊا کڻي حسيني چوڪ کان ريلي ڪڍي لينڊا واهه چوڪ تي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي نثار احمد ميمڻ، رشيد آزاد، آڪاش زئور، سڪندر زئور، عادل لغاري، اشرف ٿھيم ۽ ٻين چيو ته سجاول ضلعو منشيات جو ڳڙهه ٿي ويو آھي. ھر هنڌ منشيات ۽ زھريلو گٽڪو وڪرو ٿي رهيو آهي. درجنين ماڻهو وات جي ڪينسر ۾ مبتلا آهن. درجنين مريض پنھـجون حياتيون وڃائي چڪا آھن. ھنن چيو ته اسان جي جدوجھد ضلعي مان منشيات جي خاتمي تائين جاري رھندي. ھنن مطالبو ڪيو ته ايس ايس پي سجاول کي فوري ھٽائي ضلعي کي منشيات کان پاڪ ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button