چڪ ڪچي ۾ زمين جي مالڪي تان مهر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، فائرنگ دوران دوران گوليون لڳڻ سبب هڪ ڄڻو قتل ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. چڪ جي ڪچي واري علائقي بچل ڀيو ٿاڻي جي حد ۾ زمين جي مالڪي تان چڪ جي رهواسي ٻن مهر برادري جي عمران مهر ۽ شيرل مهر جي ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي دوران شيرل مهر جي ڌر جي هٿياربندن زمين ٽريڪٽر هلائيندڙ عمران مهر جي ڌر جي ماڻهن مٿان فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ عمران مهر جي ڌر جا 2 ڄڻا ڪامران پٽ ڪرم الله، حفيظ الله پٽ عبيدالله مهر گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيا. واقعي جي خبر پوڻ تي ٻنهي ڌرين جا ماڻهو هٿيار کڻي ڪچي ۾ پهچي هڪ ٻئي مٿان فائرنگ شروع ڪري ڏني، فائرنگ سبب گولين جي ضد ۾ اچي شيرل مهر جي ڌر جو نوجوان زبير پٽ شيرل مهر موقعي تي گوليون لڳڻ سبب قتل ٿي ويو، جنهن بعد ٻنهي ڌرين جا ماڻهو ڪيترائي ڪلاڪ هڪ ٻئي مٿان فائرنگ ڪندا رهيا،فائرنگ سبب علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو. ڪيترن ئي ڪلاڪن جي فائرنگ بعد ڀرسان ويٺل ڀيا برادري جي ڳوٺاڻن ٻنهي ڌرين جي ماڻهن کي پاڪ ڪتاب جا واسطا ڏئي پوليس سان گڏ فائرنگ بند ڪرائي ۽ ٻنهي ڌرين ۾ ٿيل جهيڙي کي ٽاري ڇڏيو. واقعي بعد زخمين کي بچل ڀيو ٿاڻي تي آندو ويو، جتان زخمين کي ليٽر ڏيڻ بعد لکي غلام شاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو. هوڏانهن قتل ٿيل نوجوان جو لاش پوليس لکي غلام شاهه اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو،جڏهن ته قتل ٿيل نوجوان جي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close